مُک صفحو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
وڪيپيڊيا تي ڀليڪار،
سنڌي ۾ 15,493 مضمون آهن.

چونڊ مضمون

ايرانيان زرتشتي باڪو ۾ آتشگاهه تي دعا گهرن پيا

باڪو جي آتشگاهہ (فارسي: آتشڪده‎ , Atashgāh, آذربائيجاني: Atəşgah) باڪو آتشگاهہ، جنهنکي اڪثر "باڪو جو فائر ٽيمپل" سڏيو ويندو آهي، سوراخاني شهر (سوراڪساني رائيون ۾)، باڪو جي پسگردائي، آذربائيجان ۾ محلات جهڙو مذهبي مندر آهي. فارسي لکتن جي بنياد تي، مندر هندو، سک، ۽ زرتشتي عبادت گاهہ جي طور استعمال ڪيو ويندو هيو. "آتش" باھ جو فارسي لفظ آھي. پنج ڪنڊي عمارت (پينٽاگونل ڪمپليڪس)، جنهن ۾ اڱڻ ٻائو (پادرين) لاءِ ڪٻٽن سان سٿيل آهي ۽ وچ ۾ ٽيٽرا پلر اٿس، 17 هين ۽ 18هين صدي دوران ٺاهيو ويو هيو.شايد ان علائقي ۾ هندستاني آبادي جي گهٽ هئڻ سبب انکي 19هين صدي جي آخر ۾ ڦِٽو ڪيو (تياڳيو) ويو. ان علائقي ۾ پٽروليم ۽ گيس جي استحصال جي هڪ صدي کانپوءِ، سال 1969ع ۾ قدرتي ابدي شعلا ختم ٿي ويا، پر هاڻي شهر ويجهو گيس پائپ سان روشن ڪيو ويو آهي. باڪو آتشگاهہ اُتر اولهہ هندستاني ننڍو کنڊ سان لاڳاپو رکندڙ زرتشتين جو هڪ تيرٿ ۽ فلسفياڻو مرڪز هيو، جيڪي مشهور "گرينڊ ٽرنڪ روڊ" جي رستي ڪيسپيئن علائقي سان گڏ واپار ڪندا هيا. سندن عقيدي جا چار مقدس عنصر ھي آھن: آتشي (باھ)، بيدي (ھوائي)، آبي (پاڻي) ۽ ھيڪي (زمين). سال 1883 ع کانپوءِ سراکاني ۾ پيٽروليم پلانٽ (صنعت) جي لڳائڻ (نصب ٿيڻ) مهل هن مندر ۾ عبادت ٿيڻ رُڪجي وئي. ان جڳهه کي 1975 ع ۾ هڪ ميوزيم ۾ تبديل ڪيو ويو هو. عجائب گهر (ميوزيم) ڏانهن گهمڻ ايندڙن جو ساليانو تعداد 15،000 آهي. باهہ جو مندر "آتش گاهہ" کي گلنارا مهمنداروف پاران 1998 ۾، يونيسڪو عالمي ورثو ماڳ فهرست ۾ نامزد ڪيو ويو. 19 ڊسمبر، 2007 تي، آذربائيجان جي صدر جي فرمان وسيلي، انکي رياستي-تاريخي اڏاوت (آرڪيٽيڪچرل رزيو) قرار ڏنو ويو.

بهترين مضمون

"ڪنواري مينار، باڪو آذربائيجان"
پراڻي باڪو شهر ۾ ڪنواري مينار

ميڊن ٽاور (باڪو) (ڪنواري ٽاور (باڪو) , ڪنواري منارو (باڪو) ڪنواري ٽاور (آذربائیجاني:(Qız qalası) باڪو جي پُراڻي شهر، آذربائيجان ۾ ٻارنهين صدي جي يادگار آهي. 15هين صدي عيسوي جي شيرواشانهس جو محل سان گڏ، اهو 2001 ۾ يونيسڪو عالمي ورثو تاريخي يادگارن جي فهرست هيٺ درج ثقافتي ملڪيت زمرو ٽيون جي تحت تاريخي يادگارن (ماڳن) جو هڪ گروهه ٺاهي ٿو. اهو آذربائيجان جو سڀ کان وڌيڪ مخصوص قومي نشان آهي، ۽ انهيءَ ريت آذري ڪرنسي نوٽ ۽ سرڪاري ليٽرهيڊس تي نمايان طور ظاهر ڪيل آهي. ڪنواري ٽاور يا دي ميڊن ٽاور ۾ هڪ ميوزيم گهر رکيو ويو آهي، جيڪو باڪو شهر جي تاريخي ارتقا جي ڪهاڻي پيش ڪري ٿو. ان ۾ تحفو وٺڻ وارو دڪان (گفٽ شاپ) پڻ شامل آهي. ڇِت جو نظارو پُراڻو اڇري شهر، بوليوارڊ، ڊي گُلي هائوس، ۽ باڪو بي جي مُنارن ۽ سوڙهي گهٽين جو ويڪرو نظارو ڏيکاري ٿو. ويجهن سالن ۾، نوروز ميلو جي راتين مهل مٿئيون آتش دان ٻاريو ويو آهي. جمهوريا آذربائيجان جي باڪو ۾ باڪو جو ڪنواري ٽاور هڪ افسانوي ماڳ ۽ دنيا جي مشهور جڳهه آهي. اهو ٽاور اسرار ۽ افسانن جي ڪڪرن سان ڍڪيل آهي، جنهن جي پاڙ آذربائيجان جي تاريخ ۽ آذربائيجان جي قومي ثقافت ڏانهن جُڙيل آهي. ٽاور جي مهاڪهاڻي جو تلاءُ (حوض) ۽ ڏند ڪٿا آذربائيجان جي ثقافت ۽ قومي ورثو جو هڪ حصو آهي. واقعي (حقيقت ۾)، ڪجھ بهادري جون مهاڪهاڻيون آکاڙو يا ناٽڪ (ٿيٽر) جي ڊرامن ۽ ناٽڪ ۾ ناچ لاءِ هڪ موضوع بڻجي ويون. ميڊن ٽاور (بيليٽ) آذربائيجان جو ورلڊ ڪلاس ناٽڪ ناچ آهي، جنهن کي 1940 ۾ افسرياب بدالبيلي ٺاهيو هيو ۽ ناٽڪ ناچ جو ريميڪ 1999 ۾ نباهيو ويو هيو. ڪيسپيئن سمونڊ جي سامونڊري ڪنارو پکڙجي وڃڻ جي نتيجي ۾، زمين جي هڪ پٽي اُڀري آئي.اها زمين نائين کان پندرنهين صديءَ دوران ترقي ڏني وئي، جڏهن پُراڻي شهر جي ڀِت، محلات، گڏوگڏ ميڊن ٽاور جي قلعي جو ٺلھ ( منارو) اَڏيو ويو هيو.

هاڻوڪا واقعا



غلام حسين شاهه بخاري
غلام حسين شاهه بخاري



  • يوڪرين انٽرنيشنل ايئر لائنز جو جهاز 752 ايران جي شهر تهران کان اُڏام ڀَرڻ جي تُرت پوءِ ڪِري تباهہ ٿي ويو، جنهن ۾ چڙهي سوار ٿيل 176 ماڻهو مارجي ويا.

وڪيپيڊيا جو حصو ٿيو!

وڪيپيڊيا هڪ کليل ۽ گھڻ لساني ڄاڻ چيڪلو آهي، جنهن تي اسان سڀ گڏجي لکندا ۽ سنواريندا آهيون. وڪيپيڊيا جي شروعات جنوري 2001ع ۾ ٿي، جڏهن ته سنڌي وڪيپيڊيا جو اجراع 2006ع تي عمل ۾ آيو. هن وقت سنڌي وڪيپيڊيا تي 15,493 مضمون موجود آهن.

اڄ جو لفظ

2

بانڪڙو
ڪاٺ جي پٽين يا ڏَڪن مان ٺهيل بينچ
جنهن کي ٽيڪ ڏيڻ لاءِ پُٺ به لازمي هجي
هن قسم جون بينچون هوٽلن تي ڏسبيون آهن. بانڪڙي مان ئي ٻاڪڙا هوٽل جو اصطلاح ٺهيو آهي.


اڄ جو قول

  • ”ڪنڊن کان ڊڄڻ واريون آڱريون گلن جي نرميءَ کي ڪڏهن به محسوس ڪري نه ٿيون سگهن.“[1] _ خليل جبران

اڄ جي تصوير

پشتون قبائلي ۽ مذهبي اڳواڻ ڏاکڻي افغانستان جي عام لباس ۾

ڇا توهان به لکڻ چاهيو ٿا؟

سنڌي وڪيپيڊيا تي هن وقت 15,493 مضمون موجود آهن، جيڪڏهن اوهان ڪنهن به موضوع تي لکڻ چاهيو ٿا ته پهرين هن ڳولا صفحي تي وڃي عنوان لکو، ممڪن آهي جيڪو مضمون اوهان لکڻ چاهيو ٿا اهو اڳ موجود هجي، جيڪڏهن مضمون ڳولا ۾ نه اچي ته پوءِ نئون مضمون تحرير ڪيو.


يا
نئون مضمون لکڻ جي لاءِ آرٽيڪل وزرڊ آزمايو

سانئِيَمِ! سَدائِين ڪَرِين، مَٿي سِنڌُ سُڪارَ،
دوسَت! مِٺا دِلدارَ، عالَمُ سَڀِ آبادِ ڪَرِين.

سنڌي وڪيپيڊيا ۾ ڀلي ڪري آيا!
اسان سان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ:
، ، ، ۽ ۾ گڏجو.


(ياد رهي تہ هي سنڌي وڪيپيڊيا سٿ جو اَڻ دفتري (اَن اوفيشل) سٿ ۽ واپرائيندڙ جي پنهنجي ڪوشش آهي)

وڪيپيڊيا معلومات جي درستگي ۽ معتبريت بابت ڪا بہ ضمانت نٿي ڏئي.
وڪيميڊيا فائونڊيشن وڪيپيڊيا معلومات جي درستگي ۽ معتبريت بابت ڪا بہ ضمانت نٿي ڏئي ترميم ڪندڙ پنهنجي ترميمن جا ذميوار پاڻ آهن.
اسان سان رابطو ڪريو مدد کپي؟ اسان سان رابطو ڪريو.


  1. "عظيم هستين جا عظيم قول (فقير محمد سنڌي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر". books.sindhsalamat.com. حاصل ڪيل 2020-12-03.