مُک صفحو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
وڪيپيڊيا تي ڀليڪار،
سنڌي ۾ 15,488 مضمون آهن.

چونڊ مضمون


مولا ڇوٽڪ بلوچستان ۾ گپت سورگ خضدار کان 80 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي هڪ سندر ڳوٺ مولا آهي، جيڪو ضلعي خضدار جو هڪ تعلقو آهي. اهو تاريخي ماڳ ۽ جاگرافيائي مقام جي ڪري مشهور آهي. هن ڳوٺ ۾ ڪيتريون ئي آبشارون ملن ٿيون، ڇوٽوڪ، سب تحصيل مولا ۽ بلوچستان جي وڏي آبشارن مان هڪ آهي. هي آبشار ٻن ٽڪرين جي وچ ۾ موجود آهي، جبلن جون چوٽيون هڪ ٻئي سان مليل آهن، ان ڪري آبشار صرف هڪ ڇٺيءَ وانگر نظر اچي ٿو. ان جو پاڻي سياري جي موسم ۾ گرم ۽ اونهاري جي موسم ۾ ٿڌو هوندو آهي، ماڻهو خوشگوار محسوس ڪندا آهن ۽ پاڻ کي تصوراتي دنيا ۾ محسوس ڪندا آهن."


ننڍي کنڊ جي ورھاڱي کان اڳ بلوچستان چئن پرنسلي اسٽيٽس تي مشتمل ھيو جن م قلات، لسٻيلو، خاران ۽ مڪران شامل ھيون جن مان لسٻيلي ۽ خاران جون رياستون انگريزن خان آف قلات جي اختيار ھيٺ رکيون ھيون. پاڪستان ٺھڻ بعد قائداعظم جي خواهش ھئي تہ خان آف قلات ٻين رياستن وانگر پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ لاء معاھدو ڪري. خان نالي ماتر خودمختياري تان دستبردار ٿيڻ نہ پئي چاھيو پر ھو دفاع، پرڏيهي معاملن ۽ مواصلات جي حد تائين پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ لاء تيار ھيو. جناح 15 فيبروري 1948ع تي سبي جو دورو ڪيو۽ شاھي درٻار ۾ خطاب دوران اعلان ڪيو ته ھي ٻن سالن اندر آئين جي تيار ٿيڻ تائين صوبي تي پنھنجي جوڙيل صلاحڪاري ڪائونسل جي مدد سان حڪومت ھلائيندو. 21 فيبروري 1948ع تي قلات جي دارالعوام جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو تہ پاڪستان م شامل نہ ٿبو پر مستقبل جي تعلقات واري معاھدي لاءِ مذاڪرات جاري رکبا. 18 مارچ 1948ع م خاران، لسٻيلو ۽ مڪران پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو جنھن تي خان آف قلات اعتراض ڪيو. 26 مارچ 1948 تي پاڪ فوج کي پسني، جيواني ۽ تربت واري بلوچ ساحلي علائقن ۾ داخل ٿيڻ جو حڪم مليو. پاڪ فوج قلات ۾ داخل ٿي ۽ خان آف قلات کان پاڪستان م شامل ٿيڻ جي معاھدي تي صحيح ورتي وئي. ورھاڱي کان 227 ڏينھن بعد تائين بلوچستان م قلات جي الڳ رياست ھئي جنھن جو ڪراچي م سفارتخانو پڻ ھيو جنھن ۾ سفير پڻ مقرر ٿيل ھو۔







بلوچستان، پاڪستان|سَمورو مضمون هِتي پڙهو...]]

بهترين مضمون

ڪيليفورنيا اسٽيٽ يونيورسٽي، لاس اينجلس
ڊائون ٽائون لاس اينجلس جي شهر جي اسڪائي لائن

لاس اينجلس (انگريزي: Los Angeles) آمريڪي رياست ڪئليفورنيا جو وڏي ۾ وڏو شهر آهي. 2020ع جي انگن اکرن مطابق هن شهر جي آبادي 3898747 ماڻهن تي مشتمل آهي. هي آباديءَ جي لحاظ کان آمريڪا جو ٻيو نمبر وڏو شهر ۽ ميڪسيڪو سٽي ۽ نيو يارڪ کان پوءِ اتر آمريڪا کنڊ جو ٽيون نمبر وڏو شهر آهي. لاس اينجلس واري علائقي ۾ چوماش (Chumash) ۽ ٽونگوا (Tongva) نالي اصلوڪن آمريڪين جا قبيلا آباد هئا. 1542ع ۾ هي علائقو اسپين جي هڪ سياح جان روڊريگوئيز ڪيبريلو ( Juan Rodríguez Cabrillo) فتح ڪيو. موجوده شهر جو بنياد 4 سيپٽمبر 1781ع تي رکيو ويو. ميڪسيڪو جي آزاديءَ واري جنگ دوران هي شهر 1781ع ۾ ميڪسيڪو ۾ شامل ٿي ويو. 1848ع ۾ هڪ ٺاهه تحت هي شهر ۽ ڪئليفورنيا جا ٻيا علائقا آمريڪا خريد ڪري ورتا. 4 اپريل 1850ع تي هن شهر کي ميونسپالٽيءَ جو درجو ڏنو ويو. 1890ع واري ڏهاڪي ۾ هتان تيل جا ذخيرا هٿ اچڻ کان پوءِ هن شهر تيزيءَ سان ترقي ڪئي. هي شهر آمريڪا جو هڪ وڏو معاشي ۽ ثقافتي مرڪز آهي. هتي 1932ع ۽ 1984ع واريون اولمپڪ رانديون منعقد ٿيون ۽ 2028ع واريون اولمپڪ رانديون پڻ هن شهر ۾ منعقد ٿينديون.


هاڻوڪا واقعا



غلام حسين شاهه بخاري
غلام حسين شاهه بخاري



  • يوڪرين انٽرنيشنل ايئر لائنز جو جهاز 752 ايران جي شهر تهران کان اُڏام ڀَرڻ جي تُرت پوءِ ڪِري تباهہ ٿي ويو، جنهن ۾ چڙهي سوار ٿيل 176 ماڻهو مارجي ويا.

وڪيپيڊيا جو حصو ٿيو!

وڪيپيڊيا هڪ کليل ۽ گھڻ لساني ڄاڻ چيڪلو آهي، جنهن تي اسان سڀ گڏجي لکندا ۽ سنواريندا آهيون. وڪيپيڊيا جي شروعات جنوري 2001ع ۾ ٿي، جڏهن ته سنڌي وڪيپيڊيا جو اجراع 2006ع تي عمل ۾ آيو. هن وقت سنڌي وڪيپيڊيا تي 15,488 مضمون موجود آهن.

اڄ جو لفظ

2

بانڪڙو
ڪاٺ جي پٽين يا ڏَڪن مان ٺهيل بينچ
جنهن کي ٽيڪ ڏيڻ لاءِ پُٺ به لازمي هجي
هن قسم جون بينچون هوٽلن تي ڏسبيون آهن. بانڪڙي مان ئي ٻاڪڙا هوٽل جو اصطلاح ٺهيو آهي.


ڇا توهان به لکڻ چاهيو ٿا؟

سنڌي وڪيپيڊيا تي هن وقت 15,488 مضمون موجود آهن، جيڪڏهن اوهان ڪنهن به موضوع تي لکڻ چاهيو ٿا ته پهرين هن ڳولا صفحي تي وڃي عنوان لکو، ممڪن آهي جيڪو مضمون اوهان لکڻ چاهيو ٿا اهو اڳ موجود هجي، جيڪڏهن مضمون ڳولا ۾ نه اچي ته پوءِ نئون مضمون تحرير ڪيو.


يا
نئون مضمون لکڻ جي لاءِ آرٽيڪل وزرڊ آزمايو

سانئِيَمِ! سَدائِين ڪَرِين، مَٿي سِنڌُ سُڪارَ،
دوسَت! مِٺا دِلدارَ، عالَمُ سَڀِ آبادِ ڪَرِين.

سنڌي وڪيپيڊيا ۾ ڀلي ڪري آيا!
اسان سان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ:
، ، ، ۽ ۾ گڏجو.


(ياد رهي تہ هي سنڌي وڪيپيڊيا سٿ جو اَڻ دفتري (اَن اوفيشل) سٿ ۽ واپرائيندڙ جي پنهنجي ڪوشش آهي)

وڪيپيڊيا معلومات جي درستگي ۽ معتبريت بابت ڪا بہ ضمانت نٿي ڏئي.
وڪيميڊيا فائونڊيشن وڪيپيڊيا معلومات جي درستگي ۽ معتبريت بابت ڪا بہ ضمانت نٿي ڏئي ترميم ڪندڙ پنهنجي ترميمن جا ذميوار پاڻ آهن.
اسان سان رابطو ڪريو مدد کپي؟ اسان سان رابطو ڪريو.