مُک صفحو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
وڪيپيڊيا تي ڀليڪار،
سنڌي ۾ 15,475 مضمون آهن.

چونڊ مضمون

ڪيرٽي جو منظر"

ڪيرٽي:(انگريزي: Keriti ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ٿرپارڪر جي تعلقي مٺي جو ھڪ ڳوٺ آھي. هيءُ مٺي تعلقي ۾، مٺي شهر کان 16 ميل اوڀر طرف اهي. هتي هن وقت ٺڪر ۽ مينگهواڙ رهن ٿا. هيءُ اڳي وڏو شهر هو، جتي مڪواڻن جي گاديءَ جو هنڌ هو. مشهور ڪيهر مڪواڻو هتي رهندو هو. جنهن عمرڪوٽ مان سومريون کنيون هيون، ۽ پوءِ همير سومري سان لڙائيءَ ۾ مارجي ويو. اتي جهونا نشان اڃا موجود آهن. ھن ڳوٺ جي آبادي 2017ع م 9110 ھئي.


بهترين مضمون

"محمد جي منهن جو سڀ کان پراڻو ننڍو نقشو، جيڪو پٿر جي نصب ٿيڻ جي ڪهاڻي سان لاڳاپيل آهي (ڪتاب جامع التوارخ ۾ 14 صدي عيسويء سان تعلق رکي ٿو)"
"بلال بن رباح جو هڪ فارسي نقشو جڏهن 8 هجري ۾ مڪي جي فتح کان پوءِ ڪعبي جي ڇت تان اذان ڏئي رهيو هو.

مُحَمَّد (انگريزي: Hazrat Muhammad pbuh)(اپریل570ع - جون 632ع) مسلمانن جي عقيدي مطابق الله جو آخري نبي ۽ رسول ھيو جنھن تي آسماني ڪتاب قرآن مجيد نازل ٿيو. 40 سالن جي عمر ۾ عربستان جي شھر مڪي ۾ نبوت جو اظھار ڪندي اسلام جي توحيد واري عقيدي جي تبليغ جو آغاز ڪيو. سندس ڏنل تعليم عربن جي ان خطي ۾ ھڪ زبردست انقلاب برپا ڪيو. قرآن مجيد ۾ سندس زندگي مبارڪ کي اسوه سڏيو ويو آهي. سورة الاحزاب جي آيت 21 ۾ فرمان آھي ته:لقد کان لکم فی رسول اللہ اسوۃ حسنہ: ترجمو: "بيشڪ اوھان جي لاء خدا جي رسول ﷺ جي ذات ۾ ھڪ بھترين نمونو آھي." لفظ اسوة جي عام معنیٰ طريقو يا نمونو آھي. اسوہ انسان جي ان حالت کي چيو ويندو آهي جيڪا ھو ڪنھن ٻئي انسان جي پيروي ڪندي اختيار ڪري. اسلامي عقيدي مطابق محمد رسول الله ﷺ جن جي اطاعت مسلمانن جي ايمان جو لازمي جز ۽ فرض آهي ۽ ان جي اطاعت کي قرآن مجيد ۾ الله جي اطاعت جي مثل سڏيو ويو آهي. سورة النساء جي آيت ۶۴ ۾ قرآن فرمائي ٿو ته: وما ارسلنا من رسول الا لیطاع باذن اللّٰہ: ترجمو: "۽ اسان موڪليا جيڪي رسول تہ انھن جي پيروي ڪئي وڃي، الله جي حڪم سان". دين جي عالمن ۽ قرآن جي شارحن جو اھو عقيدو آهي ته قرآن ھڪ تحريري دستور آھي جنھن جي عملي صورت سرور ڪونين ﷺ جن جي ذات آھي، جن جو ڪوبه قول ۽ فعل حڪم خداوندئ کان وار برابر بہ ھيڏي ھوڏي ھٽيل نه آهي. ايليا (بيت المقدس) ۾ ھجرت جي پنجين سال ھرقل اعظم (Hercules) جي درٻار ۾ سندس بدترين دشمن ابوسفيان پڇا ڪرڻ تي ٻڌايو ھو تہ "نبوت کان اڳ بہ اوھان ﷺ ڪڏهن ڪوڙ نہ ڳالھايو آھي". پاڻ ڪريمن پنھنجي بيمثال ڪردار وسيلي ڪٺور قلبن کي نرم ڪري انھن جو تزڪيو ڪيو. سندن ھر عمل جي تقليد کي اسلامي دين ۾ سنت جو مقام حاصل آهي. مولانا ابوالڪلام آزاد مطابق:"قرآن ۽ نبي سائين ﷺ جن جي زندگي ساڳي شئي آھي، قرآن متن آھي تہ سيرة ان جي تشريح ۽ قرآن علم آھي تہ سيرة ان جو عمل. ان ڪري انسانيت جي سمورن اھنجن ۽ آزارن جو علاج ان سيرت جي مطالعي ۾ ئي ملي سگھندو".

اڄ جو ڏينهن

آچر 20 آگسٽ 2023ع مطابق 3 صفر 1445ھ


سينيگال جو جهنڊو
سينيگال جو جهنڊو
  • 1920 – پهرين نجي ريڊيو اسٽيشن، 8 ايم ڪي (هاڻي ڊبليو ڊبليو جي) ڊيٽرائٽ ۾ نشريات جو آغاز ڪيو.
  • 1960سينيگال (قومي جهنڊي جي تصوير)، مالي وفاق کان الڳ ٿي، آزادي جو اعلان ڪيو.
  • 1975سنڌو درياھ ۾ اتنهائي درجي جي ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي وئي. ٻوڏ سبب سنڌ جا ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا.
  • 1988ايران عراق جي وچ ۾ 8 سالن بعد جنگ بندي جو مهادو ٿيو.

هاڻوڪا واقعا



غلام حسين شاهه بخاري
غلام حسين شاهه بخاري



  • يوڪرين انٽرنيشنل ايئر لائنز جو جهاز 752 ايران جي شهر تهران کان اُڏام ڀَرڻ جي تُرت پوءِ ڪِري تباهہ ٿي ويو، جنهن ۾ چڙهي سوار ٿيل 176 ماڻهو مارجي ويا.

وڪيپيڊيا جو حصو ٿيو!

وڪيپيڊيا هڪ کليل ۽ گھڻ لساني ڄاڻ چيڪلو آهي، جنهن تي اسان سڀ گڏجي لکندا ۽ سنواريندا آهيون. وڪيپيڊيا جي شروعات جنوري 2001ع ۾ ٿي، جڏهن ته سنڌي وڪيپيڊيا جو اجراع 2006ع تي عمل ۾ آيو. هن وقت سنڌي وڪيپيڊيا تي 15,475 مضمون موجود آهن.

اڄ جو لفظ

0

اڪثر چيو ويندو آهي: آءٌ / آئون ڪنڊيارو مان پيو اَچان.
سنڌي ٻوليءَ جي ويڪارڻي سٽاءَ موجب، هينئن هئڻ گهرجن:
آءٌ / آئون ڪنڊياري مان پيو اَچان.
يا: هُو ڪالهه ممبئي ويو، درست جملو، هو ڪالهه ممبئيءَ ويو.


ڇا توهان به لکڻ چاهيو ٿا؟

سنڌي وڪيپيڊيا تي هن وقت 15,475 مضمون موجود آهن، جيڪڏهن اوهان ڪنهن به موضوع تي لکڻ چاهيو ٿا ته پهرين هن ڳولا صفحي تي وڃي عنوان لکو، ممڪن آهي جيڪو مضمون اوهان لکڻ چاهيو ٿا اهو اڳ موجود هجي، جيڪڏهن مضمون ڳولا ۾ نه اچي ته پوءِ نئون مضمون تحرير ڪيو.


يا
نئون مضمون لکڻ جي لاءِ آرٽيڪل وزرڊ آزمايو

سانئِيَمِ! سَدائِين ڪَرِين، مَٿي سِنڌُ سُڪارَ،
دوسَت! مِٺا دِلدارَ، عالَمُ سَڀِ آبادِ ڪَرِين.

سنڌي وڪيپيڊيا ۾ ڀلي ڪري آيا!
اسان سان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ:
، ، ، ۽ ۾ گڏجو.


(ياد رهي تہ هي سنڌي وڪيپيڊيا سٿ جو اَڻ دفتري (اَن اوفيشل) سٿ ۽ واپرائيندڙ جي پنهنجي ڪوشش آهي)

وڪيپيڊيا معلومات جي درستگي ۽ معتبريت بابت ڪا بہ ضمانت نٿي ڏئي.
وڪيميڊيا فائونڊيشن وڪيپيڊيا معلومات جي درستگي ۽ معتبريت بابت ڪا بہ ضمانت نٿي ڏئي ترميم ڪندڙ پنهنجي ترميمن جا ذميوار پاڻ آهن.
اسان سان رابطو ڪريو مدد کپي؟ اسان سان رابطو ڪريو.