مُک صفحو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

چونڊ مضمون

Tim Cook 2009 cropped.jpg

ٽموٿي ڊونلڊ ڪُڪ ايپل انڪارپوريشن جو چيف آيگزيڪيوٽو آفيسر آھي، ان کان اڳ ھي اسٽيوو جابز جي ذيلي عھدي چيف آپريٽنگ آفيسر طور ايپل ۾ پنھنجيون خدمتون سرانجام ڏيئي چڪو آھي. ٽم آمريڪي شھر موبائيل الاباما ۾ 1 نومبر 1960ع تي پيدا ٿيو. ٽم جو والد ڊونلڊ ھڪ شپ يارڊ ۾ ڪم ڪندو ھو. ھن جي امڙ جيلڊن فارميسي ۾ ڪم ڪندي ھئي. ھن شروعاتي تعليم رابرٽسڊل ھاءِ اسڪول مان حاصل ڪئي. ھن بي ايس صنعتي انجنئرنگ جي سند آبرن يونيورسٽي مان 1982ع تي حاصل ڪئي. ايم بي اي جي سند ڊيوڪ يونيورسٽي جي فوڪوا اسڪول آف بزنسز مان 1988ع تي حاصل ڪئي. آبرن يونيورسٽي مان 1982ع تي بي ايس جي سند حاصل ڪرڻ کان پوءِ ھن 12 سال آئي بي ايم جي ذاتي ڪمپيوٽر جي واپار واري شعبي ۾ گذاريا، جنھن کان پوءِ ھن کي اتر آمريڪا جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. ان کا پوءِ ھي انٽيلجنس اليڪٽرانڪس نالي اداري ۾ پڻ رھيو، ھن 1997ع تي ڪامپيڪ ۾ نوڪري اختيار ڪئي جتي ھن ڇھن مھينن لاءِنائب صدر مقرر ڪيو ويو. ھن 1998ع تي ايپل ۾ شموليت اختيار ڪئي.

بهترين مضمون

Pakistan relief location map.jpg

ڀاشا ديامير ڊيم، ڪنڪريٽ يا پٿرن سان جڙيل ڪشش ثقل ڊيم آهي، جيڪو هن وقت تعمير جي شروعاتي مرحلن ۾ آهي، هي ڊيم سنڌو درياهه مٿان گلگت بلتستان واري علائقي ۾ جوڙيو پيو وڃي. هن ڊيم جو افتتاح پاڪستان جي اڳواڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني 18 آڪٽوبر 2011ع تي ڪئي. تعمير کان پوءِ ديامير ڀاشا ڊيم ڪنڪريٽ سان جوڙيل دنيا جو سڀ کان وڏو ڊيم هوندو. هن ڊيم جو سلپ وي 272 ميٽر اوچو هوندو، جنهن ۾ 14 در لڳل هوندا، هر در جي ويڪرائي 11.5 ميٽر ۽ اوچائي 16.24 ميٽر هوندي. هن ڊيم ۾ 81،00،000 ايڪڙ فوٽ پاڻي محفوظ ڪري سگھجي ٿو جڏهن ته وهندڙ پاڻي 6،400،000 ايڪڙ فوٽ محفوظ ڪري سگھجي ٿو.


هاڻوڪا واقعا



غلام حسين شاهه بخاري
غلام حسين شاهه بخاري



  • يوڪرين انٽرنيشنل ايئر لائنز جو جهاز 752 ايران جي شهر تهران کان اُڏام ڀَرڻ جي تُرت پوءِ ڪِري تباهہ ٿي ويو، جنهن ۾ چڙهي سوار ٿيل 176 ماڻهو مارجي ويا.

وڪيپيڊيا جو حصو ٿيو!

وڪيپيڊيا هڪ کليل ۽ گھڻ لساني ڄاڻ چيڪلو آهي، جنهن تي اسان سڀ گڏجي لکندا ۽ سنواريندا آهيون. وڪيپيڊيا جي شروعات جنوري 2001ع ۾ ٿي، جڏهن ته سنڌي وڪيپيڊيا جو اجراع 2006ع تي عمل ۾ آيو. هن وقت سنڌي وڪيپيڊيا تي ١٥٬٣٤٩ مضمون موجود آهن.

اڄ جو لفظ

اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.

{{اڄ جو لفظ/اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.}}

ڇا توهان به لکڻ چاهيو ٿا؟

سنڌي وڪيپيڊيا تي هن وقت ١٥٬٣٤٩ مضمون موجود آهن، جيڪڏهن اوهان ڪنهن به موضوع تي لکڻ چاهيو ٿا ته پهرين هن ڳولا صفحي تي وڃي عنوان لکو، ممڪن آهي جيڪو مضمون اوهان لکڻ چاهيو ٿا اهو اڳ موجود هجي، جيڪڏهن مضمون ڳولا ۾ نه اچي ته پوءِ نئون مضمون تحرير ڪيو.


يا
نئون مضمون لکڻ جي لاءِ آرٽيڪل وزرڊ آزمايو

سانئِيَمِ! سَدائِين ڪَرِين، مَٿي سِنڌُ سُڪارَ،
دوسَت! مِٺا دِلدارَ، عالَمُ سَڀِ آبادِ ڪَرِين.

سنڌي وڪيپيڊيا ۾ ڀلي ڪري آيا!
اسان سان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ:
F icon.svg ، Twitter icon.png ، YouTube icon (2013-2017).png ، Tumblr icon.png ۽ Instagram logo 2016.svg ۾ گڏجو.


(ياد رهي تہ هي سنڌي وڪيپيڊيا سٿ جو اَڻ دفتري (اَن اوفيشل) سٿ ۽ واپرائيندڙ جي پنهنجي ڪوشش آهي)

وڪيپيڊيا معلومات جي درستگي ۽ معتبريت بابت ڪا بہ ضمانت نٿي ڏئي.
وڪيميڊيا فائونڊيشن وڪيپيڊيا معلومات جي درستگي ۽ معتبريت بابت ڪا بہ ضمانت نٿي ڏئي ترميم ڪندڙ پنهنجي ترميمن جا ذميوار پاڻ آهن.
اسان سان رابطو ڪريو مدد کپي؟ اسان سان رابطو ڪريو.