وڪيپيڊيا:بهترين مضمون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نيويگيشن ڏانھن ٽپ ڏيو ڳولا ڏانھن هلو
مُکبحثاميدوارجائزواعزازهدايتونمعيارشڪايتمدد


وڪيپيڊيا جا بهترين مضمون

Symbol support vote.svg

هڪ بهترين مضمون ڪنهن به عنوان بابت قابل تصديق حوالن سان بهترين ڄاڻ فرهام ڪندو آهي، جيتوڻڪ بهترين مضمون چونڊ مضمون جي معيار کان ڪجهه گھٽ هوندو آهي، پر اهڙو مضمون مقرر معيار تي پورو لهندڙ هجي ٿو ۽ بهترين مضمون جي چونڊ لاءِ پهرين اميدوار طور نامزد ڪيو ويندو آهي. اهڙن مضمونن ۾ لڳاپيل تصويون شامل هونديون آهن، ۽ انهن جي اجازتنامي بابت پڻ معلومات ڏنل هوندي آهي.

هن وقت سنڌي وڪيپيڊيا تي ١٥٬١٨٠ مضمون آهن، جن مان اظھاري چُڪَ: اڻڄاتل وقفي حرف "٧". مضمونن کي بهترين مضمون طور چونڊيو ويو آهي. جيڪي ڪُل مضمونن (اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل. مان 1 مضمون) ٿي ٿو. وڪيپيڊيا تي جنهن مضمون جي ساڄي طرف هي (بهترين مضمون جو نشان) نشان هجي، ان مان مراد، اهو مضمون هڪ بهترين مضمون آهن. موبائيل ۾ اهو نشان نظر نه اچي ته، مضمون جي بلڪل هيٺين طرف ميزڀر کي ڪلڪ ڪري ڏسي سگھو ٿا.

وڌيڪ بهترين مواد لاءِ ڏسو وڪيپيڊيا:بهترين عنوان.



بهترين مضمون جو طريقيار:

منصوبي بابت صفحو

لاڳاپيل صفحا

بلاترتيب بهترين مضمون ڏسو
سمورا بهترين مضمون ڏسو اڳوڻا بهترين مضمون
اڳوڻا سانڍيل بهترين مضمون
بهترين مضمون بلحاظ عنوان

زراعت، کاڌ ۽ خوراڪ
زراعت، کاڌ ۽ خوراڪ

فن ۽ تعميرات
فن ۽ تعميرات

انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي
ڪمپيوٽنگ ۽ انجنيئرنگ · ٽرانسپورٽ

جيوگرافي ۽ جڳهون
جيوگرافي · جڳهون

تاريخ
عالمي تاريخ · بادشاهت، معروفيت، ۽ تخت

ٻولي ۽ ادب
ٻولي ۽ ادب

رياضيات
رياضيات ۽ رياضيدان

ميڊيا ۽ ڊراما
فلم · ٽيليويزن · ميڊيا ۽ ڊراما

موسيقي
ايلبم · ڪلاسيڪل ڪمپوزيشن · گانا · ٻيا موسيقي مضمون

قدرتي سائنس
حياتيات ۽ دوائون · ڪيمسٽري ۽ مٽيريل سائنس · زميني سائنس · فزڪس ۽ فلڪيات

فلسفو ۽ مذهب
فلسفو ۽ مذهب

سماجي سائنس ۽ سماج
ثقافت، سماجيات، ۽ نفسيات · تعليم · معشيت ۽ واپار · قانون · مخزن ۽ پرنٽ صحافت · سياست ۽ حڪومت

رانديون ۽ وندر
فٽبال · بيس بال · باسڪٽ بال · ڪرڪيٽ · هاڪي · پيشورانا ڪشتي · وندر · ٻيا رانديون

وڊيو گيم
وڊيو گيم

جنگ
فوجون ۽ فوجي جٿا · محاذ، مشق، ۽ ڇڪتاڻ · فوجي جنگي جهاز · فوجي سجاوٽون ۽ يادگار · فوجي شخصيتون · جنگي ٻيڙا ۽ بحري فوج جٿا · هٿيار، سامان، ۽ عمارتون

متفرق



شڪاگو جو نظارو ٻيڙيءَ سان
شڪاگو جي سرھي سانجھ ويلي ورتل ھڪ تصوير

شڪاگو (انگريزي: Chicago) آمريڪا جو ھڪ مشھور شھر آھي. ھي شھر نيويارڪ ۽ لاس اينجلس کان پوءِ آمريڪا جو آباديءَ جي لحاظ کان ٽيون نبمر وڏو شھر آھي. ھي رياست الينوائي (Illinois) جو آباديءَ جي لحاظ کان وڏي ۾ وڏو شھر پڻ آھي. 2020ع جي آدمشماريءَ مطابق ھن شھر جي آبادي 2746388 آھي. ھن کي اتر آمريڪا جي پنجون نمبر گھڻ آباديءَ وارو شھر ھئڻ جو اعزاز پڻ حاصل آھي. مشيگن ڍنڍ (Lake Michigan) جي ڪناري تي آباد ھن وسنديءَ کي 1837ع ۾ شھر جو درجو مليو. اوڻويھين صديءَ ۾ ھن شھر تيزيءَ سان ترقي ڪئي. 1871ع ۾ ھن شھر کي خطرناڪ باھ وڪوڙي وڌو جنھن سبب اٽڪل ھڪ لک ماڻھو پنھنجي گھرن کان محروم ٿي ويا ۽ شھر کي ٻيھر تعمير ڪرڻو پيو. انھيءَ باھ واري واقعي کان فقط ٽيھ سال پوءِ ھي دنيا جو پنجون نمبر وڏو شھر بڻجي ويو. ھيءُ شھر پنھنجي خوبصورت اڏاوت ۽ شاندار عمارتن جي ڪري سڄي دنيا ۾ مشھور آھي. 2018ع ۾ 18 ملين سياح ھي شھر گھمڻ لاءِآيا . ھتان جو اوھاري بين القوامي ھوائي اڏو دنيا جو ڃھون نمبر مصروف ھوائي اڏو شمار ٿئي ٿو. 2021ع ۾ ھن شھر کي دنيا جو ٻيو نبمر سھڻو شھر قرار ڏنو ويو.


وڪيل بازار، شيراز، ايران
شيراز شهر جو نظارو جبل جي چوٽيءَ کان قرآن دروازو - شيراز

شيراز ايران جو پنجون وڏو شھر آھي. ھي شھر ايران جي صوبي فارس جي گاديءَ جو ھنڌ پڻ آھي. 2016ع جي انگن اکرن مطابق ھن شھر جي آبادي 1565572 آھي. جيڪڏھن شھر جا مضافاتي علائقا ڳاڻاٽي ۾ آڻجن تہ پوءِ شھر جي آبادي 18 لکن کان بہ مٿي ٿي ويندي. ھي ايران جي ڏاکڻئين حصي جو وڏي ۾ وڏو شھر آھي. ھي فارس جي جابلو علائقي ۾ آباد آھي ۽ ھن شھر جي سرزمين جي سامونڊي سطح کان اوچائي 1486 ميٽر آھي. ھتان جي موسم خوشگوار آھي ۽ ھي ھزار سالن کان وڌيڪ عرصي کان واپار جو ھڪ وڏو مرڪز رھيو آھي. شيراز ميونسپالٽيءَ جي ڪل پکيڙ 240 چورس ڪلوميٽر آھي جيڪا 11 سيڪٽرن ۾ ورھايل آھي.

آٽڪل 2000 ق.م ۾ ايلامائيٽ (Elamite) ٻوليءَ ۾ لکيل مٽيءَ جي تختين تي ھن شھر جو نالو تيرازيس لکيو ويو آھي. شروع ۾ ھي شھر ابو نضر قلعي واري علائقي ۾ آباد ھو ۽ 693ع ۾ بنو اميہ گھراڻي جي دور حڪومت ۾ موجودھ ھنڌ تي ٻيھر آباد ڪيو ويو. ھن شھر 9 کان 11 صديءَ جي وچ ۾ تيزيءَ سان ترقي ڪئي. تيرھين صديءَ ۾ ھي شھر علم، ادب ۽ ثقافت جو وڏو مرڪز بنجي ويو. 1750ع کان 1800ع تائين زند گھراڻي جي بادشاھيءَ دوران ھي پرشيا جي گاديءَ جو ھنڌ رھيو. ايران جا ٻہ وڏا شاعر سعدي ۽ حافظ ھن شھر جا رھواسي ھئا. سندن مزارون موجودھ شھر جي اترئين حصي ۾ موجود آھن.

ھن شھر ۾ ڪيترائي خوبصورت باغ آھن جن مان باغ ارم پنھنجو مٽ پاڻ آھي. ھن شھر ۽ پسگردائيءَ ۾ عاليشان قسم جا گلم, غاليچا ۽ قالين ٺھن ٿا. ھتي سيمنٽ، کنڊ، ڀاڻ، ڪپڙي ٺاھڻ ۽ تيل صاف ڪرڻ ۽ ٻين ڪيترين ئي شين ٺاھڻ جا ڪارخانا آھن. ھتي اليڪٽرانڪس جي شين جو ڪاروبار بہ عروج تي آھي. شيراز ۾ ايران جو پھريون شمسي توانائيءَ تي ھلندڙ بجلي گھر بہ موجود آھي. تازو شھر جي ٻاھران باباڪوھي جبلن تي پن چڪيون لڳايون ويون آھن.


جهروم شهر، ايران
گهدامگاهه جهروم


جُھرَم (انگريزي: Jahrom) ايران جي صوبي فارس جو آباديءَ جي لحاظ کان ٽيون وڏو شھر آھي. 2016ع جي انگن اکرن موجب ھن شھر جي آبادي 141،634 آھي. جھرم ھڪ تاريخي شھر آھي. ھي شھر ھخامنشي سلطنت جي پنجين بادشاھ اخشايارشا اول (Artaxerxes I) قائم ڪيو ھو. ھي بادشاھ 465 ق.م کان 424 ق.م تائين تخت نشين رھيو. فردوسيءَ پنھنجي ڪتاب ۾ ڪئين ڀيرا ھن شھر جو ذڪر ڪيو آھي. ھن شھر ۾ ڪيترائي پراڻا يادگار ۽ ڏسڻ جھڙيون جايون موجود آھن جن ۾ سنگ تراشان غار، جامع مسجد، جھرم مسجد ۽ زرتشت مذھب جي پوئلڳن جو مندر شامل آھن.

جھرم جو شھر فارس جي گاديءَ جي ھنڌ شيراز کان اٽڪل 170 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر ۾ آباد آھي. شھر جي موسم گرم ۽ نيم ريگستاني آھي ۽ سال ۾ سراسري طور تي 285 ملي ميٽر مينھن وسي ٿو. شھر جو سراسري گرميءَ جو درجو 200C (680F) آھي. ھن شھر جي سامونڊي مٿاڇري کان سراسري اوچائي 1050 ميٽر آھي. شھر جا اڪثر رھواسي شيعا آھن ۽ پارسي قوم سان واسطو رکن ٿا. ھتي ڪيترائي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جا ادارا، ميڊيڪل سينٽر، ٻہ اسپيشل زون، ھڪ خشڪ بندر (Dry Port)، ھڪ پيٽروڪيميڪل پلانٽ، ھوائي اڏو ۽ ٻيا اھم ادارا قائم آھن. ھتان جي اھم زرعي پيداوار ۾ کجور ۽ کٽا ميوا شامل آھن. دنيا جي 1.2 سيڪڙو کجور جي پيداوار ۽ 6 سيڪڙو کٽن ميون جي پيداوار ھن شھر مان ملي ٿي.


لڪشمي نواس محل، بيڪانير، راجستان
شاردول سنگهه جو مجسمو، بيڪانير

بڪانير (انگريزي: Bikaner) ھندستان جي راجستان رياست جو شھر آھي. ھي شھر جئپور کان اتر اوڀر ۾ 330 ڪلوميٽر (205 ميل) پري آباد آھي. ھي بڪانير ضلعي ۽ ڊويزن جو مرڪزي شھر آھي. ھي ھندستان جي انھن شھرن مان ھڪ آھي جن جو ذڪر شاعرن جي سرتاج حضرت شاھ عبدللطيف ڀٽائيءَ پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪيو آھي. ڀارت جي هڪ اڳوڻي رياست، جيڪا 1950ع ۾ جئپور سان ملائي، جدا صوبو ٺاهيو ويو آهي.

ھن شھر جو بنياد 1488ع ۾ رائو بڪارجي (Rao Bikarji) وڌو. 1928ع ۾ گنگا واھ ۽ 1987ع ۾ اندرا گانڌي واھ کوٽجڻ کان پوءِ ھن شھر جي زرعي پيداوار ۾ خاطر خواھ واڌارو آيو ۽ اڄڪلھ ھي شھر راجستان رياست جو چوٿون وڏو شھر آھي. ھي شھر پنھنجي تاريخي عمارتن ۽ تاريخي يادگارن سبب راجستان ۾ ھڪ خاص حيثيت رکي ٿو.


نيو ميڪسيڪو جي سڀ کان اوچي پھاڙي چوٽي ”ويلر پيڪ“
نيو ميڪسيڪو اسٽيٽ يونيورسٽي سينٽر فار آرٽس

نيو ميڪسيڪو، آمريڪا جي گڏيل رياستن مان ھڪ رياست آھي. جاگرافيائي طور تي چوڪنڊي شڪل جي ھيءَ رياست آمريڪا جي ڏکڻ اولھ ۾ واقع آھي. ھن رياست جون سرحدون اوڀر ۾ ٽيڪساس، اولھ ۾ ايريزونا، اتر اوڀر ۾ اوڪلاھوما ۽ ڏکڻ ۾ ميڪسيڪو سان ملن ٿيون. ھن رياست جي گاديءَ جو ھنڌ سانتا في (Santa Fe) آھي جيڪو آمريڪا جي گڏيل رياستن ۾ پراڻي ۾ پراڻو گاديءَ جو ھنڌ آھي. البڪرڪي ھن رياست جو آباديءَ جي لحاظ کان وڏي ۾ وڏو شھر آھي. نيو ميڪسيڪو پکيڙ جي لحاظ کان آمريڪا جي پنجين وڏي رياست آھي جڏھن تہ آباديءَ جي لحاظ کان 36ھين وڏي رياست آھي. ھن رياست جي آبادي 21 لکن کان ٿوري وڌيڪ آھي. جاگرافيائي طور تي ھن رياست جي آبھوا مختلف علائقن ۾ مختلف آھي. ھن رياست جي اتر ۽ اوڀر جي موسم ڪافي ٿڌي آھي جڏھن تہ ڏکڻ ۾ گرم ۽ ريگستاني آھي. ريو گرانڊي ندي ھن رياست جي مرڪزي علائقن مان اتر کان ڏکڻ طرف وھي ٿي. ھن نديءَ جي ٻنھي ڪپن وارا علائقا زرخيز آھن ۽ انھن علائقن جي موسم خوشگوار آھي. ھن رياست جي ٽيون حصو زمين مرڪزي سرڪار جي ملڪيت آھي جنھن ۾ ڪيترائي يادگار ۽ قومي پارڪ قائم ڪيا ويا آھن. ھن رياست جا ٽي ماڳ يونيسڪو جي ثقافتي ورثي وارن ماڳن جي فھرست ۾ شامل آھن.


وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2022/مهينو جون


وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2022/مهينو جولاءِ


وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2022/مهينو آگسٽ


وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2022/مهينو سيپٽمبر


وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2022/مهينو آڪٽوبر


وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2022/مهينو نومبر


وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2022/مهينو ڊسمبر