مُک صفحو
چونڊ مضمون
جيسلمير (انگريزي: Jaisalmer, راجستاني: जैसलमेर، ٻُڌو) يا جئسلمير ھندستان جي صوبي راجستان جو ھڪ شھر آھي جيڪو جئپور کان 575 ڪلوميٽر (357 ميل) اولھ ۾ آباد آھي. جوڌپور ھتان کان 215 ڪلوميٽر (135 ميل) پري ڏکڻ اوڀر ۾ آباد آھي.
ھي شھر ھندستان جي ورھاڱي کان اڳ جيسلمير رياست جي گاديءَ جو ھنڌ ھو. ھن شھر جون اڪثر عمارتون پيلي ناسي پٿر مان ٺاھيون ويون آھن ۽ سج جي روشنيءَ ۾ سون وانگر چمڪنديون نظر اينديون آھن، انڪري ھن شھر کي ڀارت جو سونھري شھر سڏيو وڃي ٿو. ھتان جو جيسلمير قلعو ھن شھر جي سونھن آھي جنھن کي 2013ع ۾ يونيسڪو جي ثقافتي ورثي واري ماڳ طور رجسٽر ڪيو ويو. ھن قلعي اندر شاھي محل، جين ڌرم جا خوبصورت مندر، ھوٽلون ۽ ڪيترائي گھر ٺھيل آھن. قلعي اندر گيان ڀنڊار (علم جو خزانو) نالي ھڪ وڏي لائبرري بہ موجود آھي جنھن ۾ سنسڪرت ۽ پراڪرت ٻولين ۾ لکيل ڪيترائي قديم ۽ ضخيم ڪتاب موجود آھن. ھتان جي گڏيسر ڍنڍ شھر جي قدرتي حسن کي چارچنڊ لڳائي ٿي. ھي شھر ھندستان جي ٿر ريگستان ۾ آباد آھي ۽ ھن جي آبادي اٽڪل 78000 آھي. ھي جيسلمير ضلعي گاديءَ جو ھنڌ پڻ آھي.
بهترين مضمون
بڪانير (انگريزي: Bikaner) ھندستان جي راجستان رياست جو شھر آھي. ھي شھر جئپور کان اتر اوڀر ۾ 330 ڪلوميٽر (205 ميل) پري آباد آھي. ھي بڪانير ضلعي ۽ ڊويزن جو مرڪزي شھر آھي. ھي ھندستان جي انھن شھرن مان ھڪ آھي جن جو ذڪر شاعرن جي سرتاج حضرت شاھ عبدللطيف ڀٽائيءَ پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪيو آھي. ڀارت جي هڪ اڳوڻي رياست، جيڪا 1950ع ۾ جئپور سان ملائي، جدا صوبو ٺاهيو ويو آهي.
ھن شھر جو بنياد 1488ع ۾ رائو بڪارجي (Rao Bikarji) وڌو. 1928ع ۾ گنگا واھ ۽ 1987ع ۾ اندرا گانڌي واھ کوٽجڻ کان پوءِ ھن شھر جي زرعي پيداوار ۾ خاطر خواھ واڌارو آيو ۽ اڄڪلھ ھي شھر راجستان رياست جو چوٿون وڏو شھر آھي. ھي شھر پنھنجي تاريخي عمارتن ۽ تاريخي يادگارن سبب راجستان ۾ ھڪ خاص حيثيت رکي ٿو.
هاڻوڪا واقعا
ڪورونا وائرس جي وبا – بيماري – وقت پٽي (ٽائم لائن) – علائقي جي لحاظ کان – موت ۽ردعمل – ڪوششون - وڪي منصوبو ڪووڊ-19
- اسلامي انقلابي گارڊ ڪور ۽ القدس فورس جو سپاهه سالار ايراني جنرل قاسم سوليماني (سامهون تصوير ۾:سوليماني) 3 جنوري 2020، بغداد ويجهو بغداد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ٿيل آمريڪي ڊرون حملي ۾ مارجي ويو.
وڪيپيڊيا جو حصو ٿيو!
وڪيپيڊيا هڪ کليل ۽ گھڻ لساني ڄاڻ چيڪلو آهي، جنهن تي اسان سڀ گڏجي لکندا ۽ سنواريندا آهيون. وڪيپيڊيا جي شروعات جنوري 2001ع ۾ ٿي، جڏهن ته سنڌي وڪيپيڊيا جو اجراع 2006ع تي عمل ۾ آيو. هن وقت سنڌي وڪيپيڊيا تي ١٥٬١٦٨ مضمون موجود آهن.
اڄ جو لفظ
{{اڄ جو لفظ/اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.}}
اڄ جو قول
ڇا توھان ڄاڻو ٿا
اڄ جي تصوير
ڇا توهان به لکڻ چاهيو ٿا؟
سنڌي وڪيپيڊيا تي هن وقت ١٥٬١٦٨ مضمون موجود آهن، جيڪڏهن اوهان ڪنهن به موضوع تي لکڻ چاهيو ٿا ته پهرين هن ڳولا صفحي تي وڃي عنوان لکو، ممڪن آهي جيڪو مضمون اوهان لکڻ چاهيو ٿا اهو اڳ موجود هجي، جيڪڏهن مضمون ڳولا ۾ نه اچي ته پوءِ نئون مضمون تحرير ڪيو.
|
مدد کپي؟ اسان سان رابطو ڪريو. |
سنڌي وڪيپيڊيا ۾ ڀلي ڪري آيا!
اسان سان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ:
، ، ، ۽ ۾ گڏجو.