مُک صفحو
چونڊ مضمون
ھرات (پشتو/دري: هرات، انگريزي: Herat) اولھہ افغانستان جو ھڪ نخلستاني شھر ۽ ھرات صوبي جي گاديءَ جو ھنڌ آھي. ھي افغانستان جو آباديءَ جي لحاظ کان ٽيون وڏو شھر آھي. 2020ع جي انگن اکرن مطابق ھن شھر جي آبادي 574،276 آھي. ھي شھر افغانستان جي اولاھين حصي ۾ هریرود نديءَ (The Hari River) جي زرخيز ماٿريءَ ۾ اڇن جبلن ( Paropamisus Mountains) جي قطار جي ڏکڻ ۾ آباد آھي. صدين کان وٺي ھي شھر شاھراھ ريشم وسيلي وچ اوڀر، وچ ۽ ڏکڻ ايشيا سان ڳنڍيل رھيو آھي. تاريخي طور تي ھي شھر ايران ۽ فارسي ٻوليءَ جي اثر ھيٺ رھيو آھي ان ڪري ھن کي ”افغانستان جو ننڍڙو ايران“ ڪوٺيو وڃي ٿو
بهترين مضمون
جُھرَم (انگريزي: Jahrom) ايران جي صوبي فارس جو آباديءَ جي لحاظ کان ٽيون وڏو شھر آھي. 2016ع جي انگن اکرن موجب ھن شھر جي آبادي 141،634 آھي. جھرم ھڪ تاريخي شھر آھي. ھي شھر ھخامنشي سلطنت جي پنجين بادشاھ اخشايارشا اول (Artaxerxes I) قائم ڪيو ھو. ھي بادشاھ 465 ق.م کان 424 ق.م تائين تخت نشين رھيو. فردوسيءَ پنھنجي ڪتاب ۾ ڪئين ڀيرا ھن شھر جو ذڪر ڪيو آھي. ھن شھر ۾ ڪيترائي پراڻا يادگار ۽ ڏسڻ جھڙيون جايون موجود آھن جن ۾ سنگ تراشان غار، جامع مسجد، جھرم مسجد ۽ زرتشت مذھب جي پوئلڳن جو مندر شامل آھن.
جھرم جو شھر فارس جي گاديءَ جي ھنڌ شيراز کان اٽڪل 170 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر ۾ آباد آھي. شھر جي موسم گرم ۽ نيم ريگستاني آھي ۽ سال ۾ سراسري طور تي 285 ملي ميٽر مينھن وسي ٿو. شھر جو سراسري گرميءَ جو درجو 200C (680F) آھي. ھن شھر جي سامونڊي مٿاڇري کان سراسري اوچائي 1050 ميٽر آھي. شھر جا اڪثر رھواسي شيعا آھن ۽ پارسي قوم سان واسطو رکن ٿا. ھتي ڪيترائي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جا ادارا، ميڊيڪل سينٽر، ٻہ اسپيشل زون، ھڪ خشڪ بندر (Dry Port)، ھڪ پيٽروڪيميڪل پلانٽ، ھوائي اڏو ۽ ٻيا اھم ادارا قائم آھن. ھتان جي اھم زرعي پيداوار ۾ کجور ۽ کٽا ميوا شامل آھن. دنيا جي 1.2 سيڪڙو کجور جي پيداوار ۽ 6 سيڪڙو کٽن ميون جي پيداوار ھن شھر مان ملي ٿي.
هاڻوڪا واقعا
ڪورونا وائرس جي وبا – بيماري – وقت پٽي (ٽائم لائن) – علائقي جي لحاظ کان – موت ۽ردعمل – ڪوششون - وڪي منصوبو ڪووڊ-19
- اسلامي انقلابي گارڊ ڪور ۽ القدس فورس جو سپاهه سالار ايراني جنرل قاسم سوليماني (سامهون تصوير ۾:سوليماني) 3 جنوري 2020، بغداد ويجهو بغداد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ٿيل آمريڪي ڊرون حملي ۾ مارجي ويو.
وڪيپيڊيا جو حصو ٿيو!
وڪيپيڊيا هڪ کليل ۽ گھڻ لساني ڄاڻ چيڪلو آهي، جنهن تي اسان سڀ گڏجي لکندا ۽ سنواريندا آهيون. وڪيپيڊيا جي شروعات جنوري 2001ع ۾ ٿي، جڏهن ته سنڌي وڪيپيڊيا جو اجراع 2006ع تي عمل ۾ آيو. هن وقت سنڌي وڪيپيڊيا تي ١٥٬٠٣٨ مضمون موجود آهن.
اڄ جو لفظ
{{اڄ جو لفظ/اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.}}
اڄ جو قول
ڇا توھان ڄاڻو ٿا
اڄ جي تصوير
ڇا توهان به لکڻ چاهيو ٿا؟
سنڌي وڪيپيڊيا تي هن وقت ١٥٬٠٣٨ مضمون موجود آهن، جيڪڏهن اوهان ڪنهن به موضوع تي لکڻ چاهيو ٿا ته پهرين هن ڳولا صفحي تي وڃي عنوان لکو، ممڪن آهي جيڪو مضمون اوهان لکڻ چاهيو ٿا اهو اڳ موجود هجي، جيڪڏهن مضمون ڳولا ۾ نه اچي ته پوءِ نئون مضمون تحرير ڪيو.
|
مدد کپي؟ اسان سان رابطو ڪريو. |
سنڌي وڪيپيڊيا ۾ ڀلي ڪري آيا!
اسان سان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ:
، ، ، ۽ ۾ گڏجو.