مُک صفحو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانھن هلو

چونڊ مضمون

700 عيسوي ۾ سنڌو سلطنت جو نقشو

سنڌو رياست/بادشاهت (انگريزي: Sindhu Kingdom) هن ديس کي ”سنڌ“ نالو هتان جي آڳاٽن رهاڪن سنڌو نديءَ تان ڏنو. جنهن جي معنا آهي سمنڊ يا وڏي درياهه وارو ملڪ يا اهو وهڪرو جيڪي سدائين پيو وهي. جيئن ته سنڌ ڌرتي سمنڊ مان جنم ورتو ۽ هن ندي هتان جي برپٽن کي سرسبز ۽ شاد آباد ڪيو ۽ هتان جي رهواسين جي تمدني تشڪيل ڪئي. ان ڪري هتان جي آڳاٽن رهاڪن، هن ديس جو وڏي درياهه جي نسبت سان نالو ئي سنڌ رکيو. جيڪو اڄ کان ڏهاڪو هزار ورهيه پراڻو آهي. هن ديس کي اهو نالو هتي رهندڙ مقامي ماڻهن سنڌو ندي جي نسبت سان ڏنو. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي پنهنجي ڪتاب ۾ سنڌ جي نالي بابت ڪجهه هن طرح وضاحت ڪئي آهي: ”بمبئي جي ڀارت وگياني (Indologist) پادري هيرس جي سند موجب، سنڌو نديءَ کي اهو نالو آڳاٽن رهاڪن سنڌين ڏنو. جن جي ٻولي ۾ سند-سنڌو لفظ جي معنا هئي ندي يا درياهه. جنهن جي پٺيان هن سڄي پرڳڻي تي تي جنهن مان ندي وهي ٿي، سنڌ نالو پئجي ويو. پوءِ اهو نالو ايراني واپارين ”سنڌ“ مان ڦيرائي ”هند“ ڪيو. جنهن مان هاڻوڪو هندستان ٿيو آهي. تنهن کان پوءِ رومي واپارين ان کي وڌيڪ ڦيرائي ”انڊ“ ڪيو. جنهن مان هاڻوڪو انڊيا بڻيو آهي. جو به ڏيهي نالو آهي ۽ نه يورپي. هندستان تي ڀارت نالو گهڻو پوءِ پيو، جڏهن راجا دشيت ۽ شڪنتلا جو پٽ ڀرت راڄ ڪندو هو. تنهن ڪري ڏسبو ته سڄي ملڪ ”هندستان“ کي نالو ئي سنڌو نديءَ ۽ سنڌ مان مليو آهي.

بهترين مضمون

آسٽن، ٽيڪساس ۾ پيني بيڪر برج ڏانهن اتر اولهه طرف ڏسندي مائونٽ بونيل جي چوٽي جو نظارو.
لوبيڪ، ٽيڪساس ۾ ٽيڪساس ٽيڪ يونيورسٽي ۾ انگريزي ۽ فلسفو جي عمارت

آمريڪا جي گڏيل رياستن مان ھڪ رياست جيڪا آباديءَ توڙي پکيڙ جي لحاظ کان آمريڪا جي ٻيو نمبر وڏي رياست آھي. ھن رياست جون سرحدون اوڀر ۾ لوئيزانيا, اتر اوڀر ۾ ارڪنساس، اتر ۾ اوڪلاھوما، ۽ اولھ ۾ نيو ميڪسيڪو رياستن سان ملن ٿيون. ڏکڻ ۾ ھن رياست جون سرحدون ميڪسيڪو سان وڃي ملن ٿيون. ميڪسيڪو نار ھن جي ڏکڻ ۾ موجود آھي.

ھوسٽن ھن رياست جو آباديءَ جي لحاظ کان وڏي ۾ وڏو شھر ۽ سان انتونيو ٻيو نمبر وڏو شھر آھي. آسٽن ھن رياست جي گاديءَ ھو ھنڌ آھي. ٽيڪساس اصل ۾ اصلوڪن آمريڪين (شيدين) جي ڪيڊو ٻوليءَ جي لفظ ”ٽيشا“ مان ورتل آھي جنھن جي معنيٰ آھي ”دوست“.

ٽيڪساس کي ”اڪيلي تاري واري رياست“ پڻ ڪوٺيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ جو ھن رياست جي جھنڊي ۾ ھڪ اڇي رنگ جو تارو شامل آھي.اسپين يورپ جو پھريون ملڪ ھو جنھن ٽيڪساس واري علائقي تي پنھنجي حڪومت قائم ڪئي. فرانس بہ ٿوري عرصي تائين ھتان جي ڪجھ علائقن تي قابض رھيو. 1836ع تائين ھي علائقو ميڪسيڪو حڪومت جو حصو رھيو. 1845ع ۾ ھن کي آمريڪا جي 20 رياست بڻائڻ جو اعلان ڪيو ويو. مختلف قومن جي تسلط ۽ خانہ جنگين سببان گهڻي عرصي تائين ھيءَ رياست غربت جي گھاڻي ۾ پيسجندي رھي. پر ٻي عالمگير جنگ کان اڳ چوپايو مال، ڪپھ، ڪاٺ ۽ تيل ھتان جي معيشيت کي ھٿي وٺائڻ جا مکيہ ڪارڻ رھيا.


هاڻوڪا واقعا



قاسم سليماني
قاسم سليماني


يوڪرين انٽرنيشنل ايئر لائنز جو جهاز 752
يوڪرين انٽرنيشنل ايئر لائنز جو جهاز 752



  • يوڪرين انٽرنيشنل ايئر لائنز جو جهاز 752 ايران جي شهر تهران کان اُڏام ڀَرڻ جي تُرت پوءِ ڪِري تباهہ ٿي ويو، جنهن ۾ چڙهي سوار ٿيل 176 ماڻهو مارجي ويا.

وڪيپيڊيا جو حصو ٿيو!

وڪيپيڊيا هڪ کليل ۽ گھڻ لساني ڄاڻ چيڪلو آهي، جنهن تي اسان سڀ گڏجي لکندا ۽ سنواريندا آهيون. وڪيپيڊيا جي شروعات جنوري 2001ع ۾ ٿي، جڏهن ته سنڌي وڪيپيڊيا جو اجراع 2006ع تي عمل ۾ آيو. هن وقت سنڌي وڪيپيڊيا تي ١٤٬٨٤٠ مضمون موجود آهن.

اڄ جو لفظ

اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.

{{اڄ جو لفظ/اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.}}

اڄ جو قول

  • ”تون سمجهين ٿو ته هر ڪنهن کي ٺڳي سگهندين موت کي نه!.“[1] _ مهمان ڪوي شيخ اياز

ڇا توھان ڄاڻو ٿا

ڇا توھان کي خبر آهي...

ڊسمبر 2021

  • 00:00,December 2021 (UTC)
جنيوا شهر جو ڏيک
جنيوا شهر جو ڏيک
  • … تہ پنجر (ناول) هڪ اغوا ٿيل هندو ڇوڪريءَ ۽ هندو مسلم تڪرار سال 1950 جو پنجابي ناول آهي. هي ناول ڀارت جي مشهور ليکڪا، ناول نگار ۽ شاعرا امرتا پريتم جو جڳ مشهور ناول آهي. انهيءَ عنوان سان هڪ فلم پڻ ٺهي چُڪي آهي..
  • … تہ دنيا جي آڳاٽي يونيورسٽين منجهان هِڪ يونيورسٽي جنيوا ۾ موجود آهي جنهنکي جنيوا يونيورسٽي سڏيو ويندو آهي، هيءَ يونيورسٽي سال 1559 ۾ جون ڪيلون قائم ڪئي هئي؟.


ڇا توهان به لکڻ چاهيو ٿا؟

سنڌي وڪيپيڊيا تي هن وقت ١٤٬٨٤٠ مضمون موجود آهن، جيڪڏهن اوهان ڪنهن به موضوع تي لکڻ چاهيو ٿا ته پهرين هن ڳولا صفحي تي وڃي عنوان لکو، ممڪن آهي جيڪو مضمون اوهان لکڻ چاهيو ٿا اهو اڳ موجود هجي، جيڪڏهن مضمون ڳولا ۾ نه اچي ته پوءِ نئون مضمون تحرير ڪيو.


يا
نئون مضمون لکڻ جي لاءِ آرٽيڪل وزرڊ آزمايو

سانئِيَمِ! سَدائِين ڪَرِين، مَٿي سِنڌُ سُڪارَ،
دوسَت! مِٺا دِلدارَ، عالَمُ سَڀِ آبادِ ڪَرِين.

سنڌي وڪيپيڊيا ۾ ڀلي ڪري آيا!
اسان سان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ:
F icon.svg ، Twitter icon.png ، YouTube icon.png ، Tumblr icon.png ۽ Instagram logo 2016.svg ۾ گڏجو.


(ياد رهي تہ هي سنڌي وڪيپيڊيا سٿ جو اَڻ دفتري (اَن اوفيشل) سٿ ۽ واپرائيندڙ جي پنهنجي ڪوشش آهي)

وڪيپيڊيا معلومات جي درستگي ۽ معتبريت بابت ڪا بہ ضمانت نٿي ڏئي.
وڪيميڊيا فائونڊيشن وڪيپيڊيا معلومات جي درستگي ۽ معتبريت بابت ڪا بہ ضمانت نٿي ڏئي ترميم ڪندڙ پنهنجي ترميمن جا ذميوار پاڻ آهن.
اسان سان رابطو ڪريو مدد کپي؟ اسان سان رابطو ڪريو.


  1. "عظيم هستين جا عظيم قول (فقير محمد سنڌي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر". books.sindhsalamat.com. حاصل ڪيل 2020-12-03.