مُک صفحو


چونڊ مضمون
لاھور (انگريزي: Lahore ) پاڪستان جي صوبي پنجاب جو گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شھر آھي. آبادي ۽ پکيڙ ۾ ڪراچي کان پوءِ پاڪستان جو ٻيون نمبر سڀ کان وڏو شهر آهي. آبادي م دنيا جو 26ھون وڏو شھر آھي. پاڪستان جو ٻيو نمبر وڏو مالدار شھر آھي. ان جي مساوي قوت خريد واري جي ڊي پي جو تخمينو 2019 ۾ 84 ارب ڊالر ھيو ھي شھر پنجاب جو تاريخي ثقافتي مرڪز آهي ۽ پاڪستان جو سڀ کان وڌيڪَ معاشرتي اعتدال پسندي ترقي پسند خيالن وارو ڪاسموپوليٽن شھر آھي ھي شھر پاڪستان جي دل سڏبو آهي. ننڍي کنڊ ۾ ھڪ مشھور چوڻي ھئي تہ: جنھن لاھور نہ ڏٺو آھي اھو پيدا ئي نه ٿيو آھي. ون يونٽ واري دؤر (1956ع کان 1970ع تائين) ۾ ھي شھر اولھ پاڪستان جو گادي جو ھنڌ رھيو.
لاھور جو پاڪستاني ثقافتي تي ڳوڙهو اثر رھيو آھي. اھو پاڪستان جي اشاعتي صنعت ۽ ادب ۽ تعليم جو مرڪز رھيو آھي ھتي پاڪستان جون ھراول درسگاهون واقع آهن ھي شھر پاڪستان جي فلمي صنعت جو پڻ مرڪز آھي جنھن کي لاليووڊ پڻ لاھور جي نسبت سان سڏيو ويندو آهي. شھر پاڪستان ۾ قوالي جو پڻ مرڪز آھي شھر پاڪستان م سياحت جي صنعت جو پڻ اھم مرڪز آھي اتي لاھور جو ڪوٽ وارو حصو، مشھور بادشاھي مسجد، وزير خان مسجد، سکن جون مختلف زيارتن واريون جڳھون، صوفي اوليائن جون درگاهون، شاھي قلعو، شاليمار باغ نہ رڳو سياحن جي توجھ وٽان آھن پر انھن مان اڪثر يونيسڪو طرفان عالمي ورثو قرار ڏنل آھن.


بهترين مضمون
گيتا يا ڀڳوَت گيتا (انگريزي: Bhagavad Gita) مشهور رزميه داستان مھاڀارت جي اڌياءَ 23 کان 40 تائين 701 سنسڪرت ٻولي ۾ بيتن تي مشتمل حصو آهي جيڪي ٻين صدي قبل مسيح سان تعلق رکن ٿا. اھو ھندو ڌرم جي پويتر ڪتابن ۾ شامل آهي. گيتا پانڊون شھزادي ارجن ۽ ان جي رھبر ۽ رٿسوار جوڌي ۽ وشنو جي اوتار ڪرشن جي وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه تي ٻَڌل آهي. پانڊون ۽ ڪورون وچ ۾ ڌرم يڌ جي شروعات ۾ پانڊون شھزادو ارجن اخلاقي مونجھاري ۽ پنھنجن مٽن مائڻ سان جنگ جي شڪل ۾ ٿيندڙ موت ۽ تشدد متوقع ھجڻ ڪري دلگيري جو شڪار ھيو ھن کي لڳو تہ جنگ نہ لڳڻ کپي ان ڪري ھن ڪرشن کان مشورو ورتو اھڙي طرح ان جي سوالن جا ڪرشن پاران ڏنل جواب ڀڳوت گيتا سڏبا آھن.


اڄ جو ڏينهن
سومر 9 آگسٽ 2021ع مطابق 30 ذوالحج 1442ھ
- 1942 – آل انڊيا ڪانگريس ڪاميٽي ”هندوستان ڇڏيو“ تحريڪ تحريڪ شروع ڪئي.
- 1945 – آمريڪا پاران جاپان جي شهر نگاساڪي ۾ ٻيو ائٽم بم ڪيرايو ويو.
- 1945 – گريس هوپر پهريون ماڻهو جنهن ڪمپيوٽر ۾ پهريو مسئلو (بگ) دريافت ڪيو.
- 1948 – پاڪستان ۾ پهرين ٽپال ٽڪيٽن جو سيٽ جاري ٿيو.
- 1971 – شيخ مجيب الرحمان (تصوير) خلاف بغاوت جو ڪيس فوجي عدالت ۾ هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
- 1972 – سنڌ ۾ قومپرستن خلاف وڏي پيماني تي ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو، انتظاميا جي ايم سيد کي پڻ گرفتار ڪري ورتو.
- 1989 – مڪي ۾ ٻن بم ڌماڪن جي نتيجي ۾ هڪ ماڻهو فوت ۽ 16 زخمي ٿي پيا.


هاڻوڪا واقعا
ڪورونا وائرس جي وبا – بيماري – وقت پٽي (ٽائم لائن) – علائقي جي لحاظ کان – موت ۽ردعمل – ڪوششون - وڪي منصوبو ڪووڊ-19
- اسلامي انقلابي گارڊ ڪور ۽ القدس فورس جو سپاهه سالار ايراني جنرل قاسم سوليماني (سامهون تصوير ۾:سوليماني) 3 جنوري 2020، بغداد ويجهو بغداد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ٿيل آمريڪي ڊرون حملي ۾ مارجي ويو.


وڪيپيڊيا جو حصو ٿيو!
وڪيپيڊيا هڪ کليل ۽ گھڻ لساني ڄاڻ چيڪلو آهي، جنهن تي اسان سڀ گڏجي لکندا ۽ سنواريندا آهيون. وڪيپيڊيا جي شروعات جنوري 2001ع ۾ ٿي، جڏهن ته سنڌي وڪيپيڊيا جو اجراع 2006ع تي عمل ۾ آيو. هن وقت سنڌي وڪيپيڊيا تي ١٤٬٦٥٨ مضمون موجود آهن.


اڄ جو لفظ
{{اڄ جو لفظ/اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.}}


اڄ جو قول


ڇا توھان ڄاڻو ٿا


اڄ جي تصوير


ڇا توهان به لکڻ چاهيو ٿا؟
سنڌي وڪيپيڊيا تي هن وقت ١٤٬٦٥٨ مضمون موجود آهن، جيڪڏهن اوهان ڪنهن به موضوع تي لکڻ چاهيو ٿا ته پهرين هن ڳولا صفحي تي وڃي عنوان لکو، ممڪن آهي جيڪو مضمون اوهان لکڻ چاهيو ٿا اهو اڳ موجود هجي، جيڪڏهن مضمون ڳولا ۾ نه اچي ته پوءِ نئون مضمون تحرير ڪيو.
|
![]() |
مدد کپي؟ اسان سان رابطو ڪريو. |
سنڌي وڪيپيڊيا ۾ ڀلي ڪري آيا!
،
،
،
۽
۾ گڏجو.
اسان سان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ: