مُک صفحو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

چونڊ مضمون

سيف سميجو، ميوزڪ ميلو، اسلام آباد ۾ پرفارم ڪري رهيو آهي


سيف سميجو هڪ موسيقار، گيت لکندڙ ۽ پاڪستاني صوفي، لوڪ بينڊ دي اسڪيچس جي اڳواڻي ڪندڙ راڳي (ڳائڻو) سميت باني آهي. مئي 2014 ۾ هن حيدرآباد، سنڌ ۾ پهريون ميوزڪ آشرم (اسڪول) کوليو، جنهن جو نالو "لاهوتي ميوزڪ آشرم" آهي.  هن ڪوڪ اسٽوڊيو ۾ داستان مومل راڻو تي موسيقي تيار ڪئي آهي. مستقل مزاجي سان دي اسڪيچس جا گيت جهڙوڪ ننڊ نشي ويچ، راڻو، رات، مين صوفي هون، مينا نہ رُڳو سنڌ ۾ پَر پوري پاڪستان ۾ مقبول هٽ ٿيا. ويجهر ۾ هڪ نئون ميوزڪ البم تون (انگريزي: يُو) ۽ هڪ نئون گانو جوڳي لائونچ ڪيو ويو آهي.. سيف موسيقيءَ ۾ اصل راجسٿاني تڙڪو پيش ڪرڻ لاءِ مائي ڌائي سان ملي ڪري گانا ڳايا آهن، انکانسواءِ سندس ويچارَ هيا تہ لاهوتي ميوزڪ آشرم وسيلي ٻين فنڪارن سان گڏ پڻ تعاون ڪيو ويندو.

بهترين مضمون

ڪوروناوائرس جي ڊول وِديا (مورفولوجي) جو چِٽ خاڪو
ڪوروناوائرس جي بيماري 2019 (COVID-19) جا اُهڃاڻَ


ڪوروناوائرس هڪ وائرس گروپ آهي، جيڪو کيرپياريندڙ جانورن (ميملز) سميت انسانن ۽ پکين م بيمارين جو سبب بڻجي ٿو.انسانن ۾، وائرس ساهہَ کڻڻ جي وچڙندڙ رَوڳ (ريسپائريٽري انفيڪشن) جو سبب بڻجي ٿو، جيڪو عام طور ، هلڪو هوندو آهي، پر اَڻ لڀ حالتن ۾، پڻ موتمار ٿي سگهي ٿو.ڳَئوُن ۽ سوئرَ ۾ اهو پيٽ جا گُهمرا (دستن،ڊائيريا) جو سبب بڻجي سگهي ٿو، پَر ڪُڪِڙين (چُوزَنِ) ۾ هي ساهه جي مٿانهين بيماريءَ جو ڪاَرَڻُ بڻجي سگهي ٿو.هن بيماري جي روڪَ، بچاءُ يا علاج جي لاءِ اهڙي ڪابہ ويڪسين يا اينٽيوائرل دوا يا جڙي ٻوٽي منظورٿيل ناهي. ڪوروناوائرس آرٿوڪوروناوائريئني خاندان جي ڪُٽنبَ ڪوروناوائرئڊاءِ، نيڊوائرالس ترتيب ۾ هڪ وائرس آهي. ڪورونا وائرس هڪ مثبت-احساس (پازيٽو-سينس) وارو يگانو-اٽڪي-ڦاٿل آر اين اي جينوم سميت ۽ پيچدار توازن جي نيوڪليوڪيپسيڊ سان گڏ ويڙهيل وائرسَ آهن.ڪورونو وائرس جي جینومڪ مقدارُ اَٽڪل 26 کان 32 ڪلوبيسزتائين هوندو آهي، جيڪو هڪ آر اين اي وائرس جي لاءِ سڀ کان وڏو آهي. "ڪوروناوائرس" جو نالو لاطيني ڪورونا ۽ يوناني (ڪوروين، "مالها، گلن جو هار") تان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ تاج يا تجليءَ جو نشان آهي.ان جو مطلب اليڪٽران مائڪروسڪوپي وسيلي وائرونس جي نمايان خاصيت يا شڪل (وائرس جي وچڙندڙ روڳي شڪل) آهي، جنهن ۾ سطح جا وڏا جهالر، مٿي اڀاريل بلبوئس جو هڪ تناسب آهي جيڪو شاهي تاج يا شمسي ڪورونا سان ڌيان ڇڪائيندڙ عڪس ٺاهين ٿا.هي ڊول وديا واري شڪل (مورفولوجي) وائرل اسپائيڪ پيپلومرز پروٽين پاران تيار ٿئي ٿي، جيڪي وائرس جي سطح کي آباد ڪندا آهن ۽ ميزبان ٽراپزم کي بيهاريندا آهن.پروٽين جيڪي سمورن ڪورونوائرس جي گڏيل ڊول (بناوت، صورت) ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار نڀائين ٿا سي چھنبياري سيخ (اسپائڪ)، ويڙهيل ڍڪڻ، جهلي (ميمبرين) ۽ نيوڪليوڪيپسڊ آهن. سارس ڪورونا وائرس (SARS coronavirus) جي مخصوص حالت ۾ (هيٺ ڏسو)، وائرس جي ايس (S) رسيپٽر بائنڊنگ ڊومين تي مقرر ڪيل سيلولر رسيپٽر، انجيوٽينسين-بدلائيندڙ انزائم 2 (ACE2) سان لاڳاپو پيدا ڪن ٿا. ڪجھ ڪوروناوائرس (خاص طور تي بيٽاڪورناوائس جي ذيلي گروپ اي (A) جهلي يا ميمبرين) ۾ هيماگلوٽين ايسٽريس (ايڇ اي HE) نالي هڪ ننڍڙي-اسپائڪ جهڙو پروٽين پڻ آهي.ڪوروناوائرس جي بيماري 2019 (COVID-19) جا اُهڃاڻَ، هي روڳ 2019–20 جي ڪورونا وائرس پکڙجڻ ۾ ڏٺو ويو، ۽ گنڀير پيڙيندڙ ساهہ کڻڻ جي گڏيل اُهڃاڻن (رسپائريٽري سنڊروم) ڪورونا وائرس 2 (سارس ڪو وي-2) جي سببن کان ٿيندو آهي.

هاڻوڪا واقعا

قاسم سليماني
قاسم سليماني


يوڪرين انٽرنيشنل ايئر لائنز جو جهاز 752
يوڪرين انٽرنيشنل ايئر لائنز جو جهاز 752



  • يوڪرين انٽرنيشنل ايئر لائنز جو جهاز 752 ايران جي شهر تهران کان اُڏام ڀَرڻ جي تُرت پوءِ ڪِري تباهہ ٿي ويو، جنهن ۾ چڙهي سوار ٿيل 176 ماڻهو مارجي ويا.

اڄ جو ڏينهن

وڪيپيڊيا جو حصو ٿيو!

وڪيپيڊيا هڪ کليل ۽ گھڻ لساني ڄاڻ چيڪلو آهي، جنهن تي اسان سڀ گڏجي لکندا ۽ سنواريندا آهيون. وڪيپيڊيا جي شروعات جنوري 2001ع ۾ ٿي، جڏهن ته سنڌي وڪيپيڊيا جو اجراع 2006ع تي عمل ۾ آيو. هن وقت سنڌي وڪيپيڊيا تي 13,038 مضمون موجود آهن.

اڄ جو لفظ

1

ڇمڪڻي
پَسارڪي وکر جو هڪ قسم
امَلتاس جي هڪ ڦَرِي، جيڪا ڇِمڪَڻ جو آواز ڪندي آهي.

اڄ جو قول

ڇا توھان ڄاڻو ٿا

ڇا توھان کي خبر آهي...

مارچ 2020

  • 00:00,March 2020 (UTC)
بسوا بنگلا گيٽ ڪولڪتا
بسوا بنگلا گيٽ ڪولڪتا
ڳورپٽ (Honey Badger)
ڳورپٽ (Honey Badger)
ڦودنو ٻوٽن جو هِڪُ قِسم آهي، جنهن جي پَن ۾ سُڳنڌ هوندي آهي.
ڦودنو ٻوٽن جو هِڪُ قِسم آهي، جنهن جي پَن ۾ سُڳنڌ هوندي آهي.



 • … ته ڪلڪتا شهر جو نالي هندو ديوي ڪالي تان ورتل آهي، جيڪو اصلي نالو ڪاليڪشيترا آهي، جنهن جي معنيٰ ڪالي جي جاءِ آهي.
 • … ته سريلنڪا يا شري لنڪا کي سلون بہ سڏيندا آهن. پر ان جو اصل نالو ’لنڪا‘ هو.
 • … ته ڳورپٽ کي انگريزي ۾ هني بيجر سڏبو آهي ڳورپٽ بنيادي طور تي آفريڪي ايشيائي نسل جو جانور آهي. جيڪو آفريڪا، ڏکڻ اولهه ايشيا ۽ هندستاني ننڍو کنڊ ۾ ملندو آهي. ڳورپٽ جي مادي کي ڳونهاري چئبو آهي.  • … ته ڦودنو ٻوٽن جو هِڪُ قِسم آهي، جنهن جي پَن ۾ سُڳنڌ هوندي آهي. ڦودنو آئس ڪريم، ڪينڊي، ميون کي بچاءُ، شراب جي شربت، چيگنگم، ڏندن جي پيسٽ، ۽ ڪجهه شيمپو، صابڻ ۽ کَلَ يا چمڙي جي سارَسَنڀال جي شين لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.


ڇا توهان به لکڻ چاهيو ٿا؟

سنڌي وڪيپيڊيا تي هن وقت 13,038 مضمون موجود آهن، جيڪڏهن اوهان ڪنهن به موضوع تي لکڻ چاهيو ٿا ته پهرين هن ڳولا صفحي تي وڃي عنوان لکو، ممڪن آهي جيڪو مضمون اوهان لکڻ چاهيو ٿا اهو اڳ موجود هجي، جيڪڏهن مضمون ڳولا ۾ نه اچي ته پوءِ نئون مضمون تحرير ڪيو.


يا
نئون مضمون لکڻ جي لاءِ آرٽيڪل وزرڊ آزمايو

سانئِيَمِ! سَدائِين ڪَرِين، مَٿي سِنڌُ سُڪارَ،
دوسَت! مِٺا دِلدارَ، عالَمُ سَڀِ آبادِ ڪَرِين.

سنڌي وڪيپيڊيا ۾ ڀلي ڪري آيا!
اسان سان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ:
F icon.svg ، Twitter icon.png ، YouTube icon.png ، Tumblr icon.png ، Instagram logo 2016.svg ۽ Google-plus-pink.svg ۾ گڏجو.

وڪيپيڊيا معلومات جي درستگي ۽ معتبريت بابت ڪا بہ ضمانت نٿي ڏئي.
وڪيميڊيا فائونڊيشن وڪيپيڊيا معلومات جي درستگي ۽ معتبريت بابت ڪا بہ ضمانت نٿي ڏئي ترميم ڪندڙ پنهنجي ترميمن جا ذميوار پاڻ آهن.
اسان سان رابطو ڪريو مدد کپي؟ اسان سان رابطو ڪريو.