مُک صفحو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

چونڊ مضمون

نومبر 1949 ۾ ڍنڍ سڪسيس، نيو يارڪ وٽ، ايلينور روزويلٽ انساني حقن جو عالمگير پڌرنامو جو پوسٽَرُ (انگريزيءَ ۾ لکيل)، جهليون بيٺل آهي

انساني حقن جو عالمگير پڌرنامو (يو ڊي ايڇ آر) هڪ تاريخي دستاويز آهي، جنهن کي 10 ڊسمبر 1948 تي فرانس جي شهر پيرس ۾ پيليس ڊي چيلوٽ وٽ ٿيل گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ پنهنجي ٽئين اجلاس ۾ هڪ قرارداد 217 طور منظور ڪيو هيو. گڏيل قومن جي ان مهل جي 58 ميمبرن منجهان 48 ميمبرن ان جي حق ۾ ووٽ ڏنو، ان جي خلاف ڪوبہ ووٽ نہ آيو، ۽ ٻن ميمبرن ووٽ نہ ڏنو. پڌرنامو (اعلان) ۾ ڪنهن فرد جي حقن جي پَڪ (تصدیق) ڪندڙ 30 مضمونَ (آرٽيڪل) شامل آهن، جيتوڻيڪ ڪنهن فرد تي قانوني طور پابند ناهي، جيڪي بين الاقوامي ٺاهن (معاهدن)، معاشي مٽاسٽا، علائقائي انساني حقن جا دستاويز، قومي راڄ ريتي (دستور- آئين)، ۽ ٻين قانونن جي وضاحت ڪيل آهي. اهو پڌرنامو انساني حقن جي بين الاقوامي بل (انٽرنيشنل بل فار هيومن رائٽس) کي رُوپ ڏيڻ واري عمل جو پهريون قدم هيو، جيڪو سن 1966 ۾ مڪمل ٿيو هيو، ۽ سال 1976 ۾ ان تي عمل ٿيو هيو، جنهن کانپوءِ ڪيتري ئي تعداد ۾ مُلڪن ان جي پَڪ (توثيق، منظوري ڏني) ڪئي هئي.


بهترين مضمون

سال 1923ع ۾ باڪو اسٽيٽ يونيورسٽي جي ميڊيڪل فيڪلٽي جا شاگردَ
باڪو اسٽيٽ يونيورسٽي جو مُکيا دروازو

باڪو اسٽيٽ يونيورسٽي ( بي ايس يوباڪو، آذربائيجان ۾ هڪ عوامي يونيورسٽي آهي. آذربائيجان ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ جي پارليامينٽ طرفان 1919 ۾ قائم ٿيندڙ هن يونيورسٽي جي شروعات 1094 ۾ تعليم شعبي سان گڏوگڏ تاريخ ۽ فلسفو، فزڪس، رياضي، قانون ۽ ميڊيسن جون فيڪلٽين سان ٿي.  بي ايس يو جو پهريون ريڪٽر وي۔آءِ رازومووسڪي هيو، جيڪو ڪازان يونيورسٽي ۾ وڍڪُٽ (ڇيرڦاڙ، سرجري) جو هڪ اڳوڻو پروفيسر هُيو. 1930 ۾، حڪومت طرفان اعليٰ تعليم جي نئين سر تنظيم مطابق يونيورسٽي کي بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، ۽ يونيورسٽي کي سپريم پيڊاگوجيڪل انسٽي ٽيوٽ سان تبديل ڪيو ويو. تنهن کانپوءِ، 1934 ۾ هيءَ يونيورسٽي ٻيهر بحال ٿي، ۽ ٻئي عالمي جنگ جي ڏُکين سالن ۾ فيڪلٽي ميمبرن جي گهٽتائي کي مُنهن ڏنائين. سال 1959 ۾ پنهنجي 40 هين ورسي (سالگرهہ) تائين، يونيورسٽي ۾ اڳ کان ئي 13 فيڪلٽيون موجود هيون. آذربائيجان ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ آذربائيجان اسٽيٽ اڪنامڪ يونيورسٽي ٻنهين ئي بي ايس يو ۾ اصل لاڳاپيل فيڪلٽين جي اسپانسرشپ ڪنديون رهيون.باڪو اسٽيٽ يونيورسٽي (بي ايس يو) منجهان پڙهي نڪتل ماڻهن ۾ آذربائيجان جا ٻه اڳوڻا صدر ابوالفاز ايلچيبي ۽ حيدر عليئيف پڻ شامل هيا.اڳيون ذڪر ڪيل صدر عربي ٻولي ۽ ادب جي فيڪلٽي کان پڙهيل هيو، جڏهن تہ پويون ذڪر ڪيل صدر، جنهن 30 سال کان وڌيڪ وقت تائين آذربائيجان جي سياست تي غلبو حاصل ڪيو، سو فيڪلٽي آف هسٽري منجهان پڙهيل هيو. نوبل انعام ماڻيندڙ ماهر طبيعيات ليو لنڊو بي ايس يو ۾ 1922 ۽ 1924 جي وچ۾ تعليم پِرائي هُئي.

هاڻوڪا واقعا

قاسم سليماني
قاسم سليماني


يوڪرين انٽرنيشنل ايئر لائنز جو جهاز 752
يوڪرين انٽرنيشنل ايئر لائنز جو جهاز 752



  • يوڪرين انٽرنيشنل ايئر لائنز جو جهاز 752 ايران جي شهر تهران کان اُڏام ڀَرڻ جي تُرت پوءِ ڪِري تباهہ ٿي ويو، جنهن ۾ چڙهي سوار ٿيل 176 ماڻهو مارجي ويا.

اڄ جو ڏينهن

وڪيپيڊيا جو حصو ٿيو!

وڪيپيڊيا هڪ کليل ۽ گھڻ لساني ڄاڻ چيڪلو آهي، جنهن تي اسان سڀ گڏجي لکندا ۽ سنواريندا آهيون. وڪيپيڊيا جي شروعات جنوري 2001ع ۾ ٿي، جڏهن ته سنڌي وڪيپيڊيا جو اجراع 2006ع تي عمل ۾ آيو. هن وقت سنڌي وڪيپيڊيا تي 12,900 مضمون موجود آهن.

اڄ جو لفظ

0

اڪثر چيو ويندو آهي: آءٌ / آئون ڪنڊيارو مان پيو اَچان.
سنڌي ٻوليءَ جي ويڪارڻي سٽاءَ موجب، هينئن هئڻ گهرجن:
آءٌ / آئون ڪنڊياري مان پيو اَچان.
يا: هُو ڪالهه ممبئي ويو، درست جملو، هو ڪالهه ممبئيءَ ويو.

اڄ جو قول

  • "ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي، مان جوئي آهيان سوئي آهيان. " سچل سرمست

ڇا توھان ڄاڻو ٿا

ڇا توھان کي خبر آهي...

فيبروري 2020

  • 00:00,February 2020 (UTC)
نر ببر شينهن
نر ببر شينهن


 • … جهنگ ۾ نر ببر شينهن ڪنهن مهل رڳو ڏهہ کان چوڏهن سال جيئرو رهي سگهندو آهي ڇو تہ مخالف نر شينهنَ سان سندس مقابلو ٿيندو رهندو آهي، تنهنڪري گهايل ٿيڻ سان سندس عمر جي گنجائش گهٽ ئي رهندي آهي.
 • … قرآن ڪريم جي سنڌي تشريح ڪندڙ مخدوم محمد هاشم ٺٺوي، شاهه جو رسالو جي سنڌي صوفي شاعر شاھ عبداللطيف ڀٽائي ۽ تحفۃ الڪرام جو ليکڪ علي شير قانع ٺٺوي ساڳئي زماني جا ماڻهو هيا.
 • … اڄ کان لڳ ڀڳ 3 ارب 80 ڪروڙ ورهيا اڳ، مريخ جي فضا گهڻي گدلي ۽ گرميءَ جو درجو گهڻي بُلند هئي جنهن سبب سطح تي پاڻي جي وسيع مقدار موجود هئي.
 • … مالاڪنڊ گهيرو ونسٽن چرچل جي زندگي جي پهرئين اصلي لڙائي هئي، ان واقعي کي هن روزاني ٽيلي گراف جي مختلف ڇاپن ۾ سلسليوار بيان ڪيو، جنهن تي کيس هر مضمون لاءِ 5 پائونڊ اسٽرلنگ ملندا هيا ؛ انهن مضمونن کي پوءِ سهيڙي هڪ ڪتاب مالاڪنڊ جي زميني فوج جي ڪهاڻي واري شڪل ۾ ڇاپيو ويو ۽ انهيءَ سان چرچل جي سياسي ۽ ادبي زندگي جي شروعات ٿي.

ڇا توهان به لکڻ چاهيو ٿا؟

سنڌي وڪيپيڊيا تي هن وقت 12,900 مضمون موجود آهن، جيڪڏهن اوهان ڪنهن به موضوع تي لکڻ چاهيو ٿا ته پهرين هن ڳولا صفحي تي وڃي عنوان لکو، ممڪن آهي جيڪو مضمون اوهان لکڻ چاهيو ٿا اهو اڳ موجود هجي، جيڪڏهن مضمون ڳولا ۾ نه اچي ته پوءِ نئون مضمون تحرير ڪيو.


يا
نئون مضمون لکڻ جي لاءِ آرٽيڪل وزرڊ آزمايو

سانئِيَمِ! سَدائِين ڪَرِين، مَٿي سِنڌُ سُڪارَ،
دوسَت! مِٺا دِلدارَ، عالَمُ سَڀِ آبادِ ڪَرِين.

سنڌي وڪيپيڊيا ۾ ڀلي ڪري آيا!
اسان سان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ:
F icon.svg ، Twitter icon.png ، YouTube icon.png ، Tumblr icon.png ، Instagram logo 2016.svg ۽ Google-plus-pink.svg ۾ گڏجو.

وڪيپيڊيا معلومات جي درستگي ۽ معتبريت بابت ڪا بہ ضمانت نٿي ڏئي.
وڪيميڊيا فائونڊيشن وڪيپيڊيا معلومات جي درستگي ۽ معتبريت بابت ڪا بہ ضمانت نٿي ڏئي ترميم ڪندڙ پنهنجي ترميمن جا ذميوار پاڻ آهن.
اسان سان رابطو ڪريو مدد کپي؟ اسان سان رابطو ڪريو.