مُک صفحو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

چونڊ مضمون

نومبر 1949 ۾ ڍنڍ سڪسيس، نيو يارڪ وٽ، ايلينور روزويلٽ انساني حقن جو عالمگير پڌرنامو جو پوسٽَرُ (انگريزيءَ ۾ لکيل)، جهليون بيٺل آهي

انساني حقن جو عالمگير پڌرنامو (يو ڊي ايڇ آر) هڪ تاريخي دستاويز آهي، جنهن کي 10 ڊسمبر 1948 تي فرانس جي شهر پيرس ۾ پيليس ڊي چيلوٽ وٽ ٿيل گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ پنهنجي ٽئين اجلاس ۾ هڪ قرارداد 217 طور منظور ڪيو هيو. گڏيل قومن جي ان مهل جي 58 ميمبرن منجهان 48 ميمبرن ان جي حق ۾ ووٽ ڏنو، ان جي خلاف ڪوبہ ووٽ نہ آيو، ۽ ٻن ميمبرن ووٽ نہ ڏنو. پڌرنامو (اعلان) ۾ ڪنهن فرد جي حقن جي پَڪ (تصدیق) ڪندڙ 30 مضمونَ (آرٽيڪل) شامل آهن، جيتوڻيڪ ڪنهن فرد تي قانوني طور پابند ناهي، جيڪي بين الاقوامي ٺاهن (معاهدن)، معاشي مٽاسٽا، علائقائي انساني حقن جا دستاويز، قومي راڄ ريتي (دستور- آئين)، ۽ ٻين قانونن جي وضاحت ڪيل آهي. اهو پڌرنامو انساني حقن جي بين الاقوامي بل (انٽرنيشنل بل فار هيومن رائٽس) کي رُوپ ڏيڻ واري عمل جو پهريون قدم هيو، جيڪو سن 1966 ۾ مڪمل ٿيو هيو، ۽ سال 1976 ۾ ان تي عمل ٿيو هيو، جنهن کانپوءِ ڪيتري ئي تعداد ۾ مُلڪن ان جي پَڪ (توثيق، منظوري ڏني) ڪئي هئي.


بهترين مضمون

سال 1923ع ۾ باڪو اسٽيٽ يونيورسٽي جي ميڊيڪل فيڪلٽي جا شاگردَ
باڪو اسٽيٽ يونيورسٽي جو مُکيا دروازو

باڪو اسٽيٽ يونيورسٽي ( بي ايس يوباڪو، آذربائيجان ۾ هڪ عوامي يونيورسٽي آهي. آذربائيجان ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ جي پارليامينٽ طرفان 1919 ۾ قائم ٿيندڙ هن يونيورسٽي جي شروعات 1094 ۾ تعليم شعبي سان گڏوگڏ تاريخ ۽ فلسفو، فزڪس، رياضي، قانون ۽ ميڊيسن جون فيڪلٽين سان ٿي.  بي ايس يو جو پهريون ريڪٽر وي۔آءِ رازومووسڪي هيو، جيڪو ڪازان يونيورسٽي ۾ وڍڪُٽ (ڇيرڦاڙ، سرجري) جو هڪ اڳوڻو پروفيسر هُيو. 1930 ۾، حڪومت طرفان اعليٰ تعليم جي نئين سر تنظيم مطابق يونيورسٽي کي بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، ۽ يونيورسٽي کي سپريم پيڊاگوجيڪل انسٽي ٽيوٽ سان تبديل ڪيو ويو. تنهن کانپوءِ، 1934 ۾ هيءَ يونيورسٽي ٻيهر بحال ٿي، ۽ ٻئي عالمي جنگ جي ڏُکين سالن ۾ فيڪلٽي ميمبرن جي گهٽتائي کي مُنهن ڏنائين. سال 1959 ۾ پنهنجي 40 هين ورسي (سالگرهہ) تائين، يونيورسٽي ۾ اڳ کان ئي 13 فيڪلٽيون موجود هيون. آذربائيجان ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ آذربائيجان اسٽيٽ اڪنامڪ يونيورسٽي ٻنهين ئي بي ايس يو ۾ اصل لاڳاپيل فيڪلٽين جي اسپانسرشپ ڪنديون رهيون.باڪو اسٽيٽ يونيورسٽي (بي ايس يو) منجهان پڙهي نڪتل ماڻهن ۾ آذربائيجان جا ٻه اڳوڻا صدر ابوالفاز ايلچيبي ۽ حيدر عليئيف پڻ شامل هيا.اڳيون ذڪر ڪيل صدر عربي ٻولي ۽ ادب جي فيڪلٽي کان پڙهيل هيو، جڏهن تہ پويون ذڪر ڪيل صدر، جنهن 30 سال کان وڌيڪ وقت تائين آذربائيجان جي سياست تي غلبو حاصل ڪيو، سو فيڪلٽي آف هسٽري منجهان پڙهيل هيو. نوبل انعام ماڻيندڙ ماهر طبيعيات ليو لنڊو بي ايس يو ۾ 1922 ۽ 1924 جي وچ۾ تعليم پِرائي هُئي.

هاڻوڪا واقعا

قاسم سليماني
قاسم سليماني


يوڪرين انٽرنيشنل ايئر لائنز جو جهاز 752
يوڪرين انٽرنيشنل ايئر لائنز جو جهاز 752



  • يوڪرين انٽرنيشنل ايئر لائنز جو جهاز 752 ايران جي شهر تهران کان اُڏام ڀَرڻ جي تُرت پوءِ ڪِري تباهہ ٿي ويو، جنهن ۾ چڙهي سوار ٿيل 176 ماڻهو مارجي ويا.

اڄ جو ڏينهن

وڪيپيڊيا جو حصو ٿيو!

وڪيپيڊيا هڪ کليل ۽ گھڻ لساني ڄاڻ چيڪلو آهي، جنهن تي اسان سڀ گڏجي لکندا ۽ سنواريندا آهيون. وڪيپيڊيا جي شروعات جنوري 2001ع ۾ ٿي، جڏهن ته سنڌي وڪيپيڊيا جو اجراع 2006ع تي عمل ۾ آيو. هن وقت سنڌي وڪيپيڊيا تي 12,942 مضمون موجود آهن.

اڄ جو لفظ

1

ڇمڪڻي
پَسارڪي وکر جو هڪ قسم
امَلتاس جي هڪ ڦَرِي، جيڪا ڇِمڪَڻ جو آواز ڪندي آهي.

اڄ جو قول

  • "توهان چئي سگهو ٿا ته ڪنهن قوم جي مردن جي طاقت پٺيان عورتن جو هٿ هوندو آهي." بينجامين ڊيسرالي[1]

ڇا توھان ڄاڻو ٿا

ڇا توھان کي خبر آهي...

فيبروري 2020

  • 00:00,February 2020 (UTC)
700 عيسوي ۾ سنڌو سلطنت جو نقشو
700 عيسوي ۾ سنڌو سلطنت جو نقشو
شيرون ووني اسٽون
شيرون ووني اسٽون


 • … شاهه جو رسالو کي ارنيسٽ ٽرمف سڀ کان پهرئين جرمني کان 1886ع ۾ ڇپايو هيو.
 • … سنڌي ٻولي ۾ صبح جي ناشتي کي "نيرن"، منجهند جي ماني کي "مانجهاندو" ۽ سومهڻي مهل ڊنر کي "رات جي ماني" سڏبو آهي.؟
 • … دنيا جي پنجاھ حسين ترين عورتن ۾ شمار ٿيندڙ آمريڪي اداڪارا، ماڊل ۽ پيشڪار شيرون ووني اسٽون کي ´گولڊن گلوب ايوارڊ` ۽ ´اڪيڊمي ايوارڊ` ۽ 1995ع ۾ ´وومين ائنڊ فلم ڪرسٽل ايوارڊ مليو.
 • … سنڌ جي جي آڳاٽي سنڌو سلطنت تي عربن جي حملي کان اڳ برهمڻ گهراڻي جي حڪومت هئي ۽ ان گهراڻي جا حڪمران راجا چچ, راجا چندر ۽ راجا ڏاهر هيا، ان کان اڳ رواءِ گهراڻي جي حڪومت هئي، راءِ گهراڻو جو مذهب ٻڌمت هو. ان گهراڻي جا حڪمران راء سھاسي پھريون, راء سھارس پھريون,راء سھارس پھريون,راء ديواجي هيا.

ڇا توهان به لکڻ چاهيو ٿا؟

سنڌي وڪيپيڊيا تي هن وقت 12,942 مضمون موجود آهن، جيڪڏهن اوهان ڪنهن به موضوع تي لکڻ چاهيو ٿا ته پهرين هن ڳولا صفحي تي وڃي عنوان لکو، ممڪن آهي جيڪو مضمون اوهان لکڻ چاهيو ٿا اهو اڳ موجود هجي، جيڪڏهن مضمون ڳولا ۾ نه اچي ته پوءِ نئون مضمون تحرير ڪيو.


يا
نئون مضمون لکڻ جي لاءِ آرٽيڪل وزرڊ آزمايو

سانئِيَمِ! سَدائِين ڪَرِين، مَٿي سِنڌُ سُڪارَ،
دوسَت! مِٺا دِلدارَ، عالَمُ سَڀِ آبادِ ڪَرِين.

سنڌي وڪيپيڊيا ۾ ڀلي ڪري آيا!
اسان سان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ:
F icon.svg ، Twitter icon.png ، YouTube icon.png ، Tumblr icon.png ، Instagram logo 2016.svg ۽ Google-plus-pink.svg ۾ گڏجو.

وڪيپيڊيا معلومات جي درستگي ۽ معتبريت بابت ڪا بہ ضمانت نٿي ڏئي.
وڪيميڊيا فائونڊيشن وڪيپيڊيا معلومات جي درستگي ۽ معتبريت بابت ڪا بہ ضمانت نٿي ڏئي ترميم ڪندڙ پنهنجي ترميمن جا ذميوار پاڻ آهن.
اسان سان رابطو ڪريو مدد کپي؟ اسان سان رابطو ڪريو.
  1. "1000 Women Quotes to Explore and Share - Inspirational Quotes at BrainyQuote". BrainyQuote. حاصل ڪيل 2020-02-07.