اور

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
اؤر
Placenta.svg
مادي جاندار جي اؤر
Human placenta baby side.jpg
عورت جي اؤر ٻار ڄمڻ وقت
تفصيل
پرڪرسر decidua basalis, chorion frondosum
سڃاڻپ ڪندڙ
لاطيني ٻولي پليسنٽو (Placento)
ميڊيڪل جي موضوع جو عنوان Script error: No such module "Wd".
ايمبرہولاجي جا محاورا سانچو:TerminologiaEmbryologica
ائناٽامي جا محاورا

اؤر. يا اور (انگريزي: Placenta) جسم جو ھڪ عارضي عضوو ھوندو آھي جيڪو ناڙي (umbilical cord) ذريعي ٻچيداني (Uterus) سان ڳنڍيل ھوندو آھي ۽ بچي کي خوراڪ مھيا ڪندو آهي. ان کانسواءِ اؤر ٻچيداني ۾ ماء جي رت جي ذريعي گرمي جي درجي کي برقرار رکڻ، فالتو مادن جي نيڪال ۽ گيس جي تبديلي، انفيڪشن کي روڪڻ، ٻار جي واڌ ۾ مددگار ھارمون ٺاهڻ جا ڪم پڻ ڪندي آهي. اؤر مئمل جاندارن سان گڏوگڏ مارسيوپئل (marsupial) ۽ غير مئمل جاندارن ۾ پڻ ملندي آهي.[1] اؤر جا ٻہ حصا ھوندا آھن.[2] [3] اھا ڪيترن ئي مادن جي نامياتي ڀڃگھڙ (metabolization) ڪندي آهي ۽ ڳورهاري گردشن ۾ نامياتي ڀڃگھڙ وارن مادن جو نيڪال پڻ ڪندي آهي. ٻار ڄڻڻ وقت اؤر کي جسم مان نيڪال ڪئي ويندي آهي. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا مطابق اهو ھڪ پردو ۽ غدود آھي، جيڪو ويم کان پوءِ مادي (عورت يا چوپائي) جي پيٽ مان نڪري ٿو. گهڻو ڪري چؤپاين کي ڦر ڄڻڻ کان پوءِ پيٽ مان -اور- نڪرندي آهي. عورت جي -اور- دايون ڪنهن غيرآباد زمين ۾ پوري ڇڏينديون آهن، انهيءَ ڪري ته جيئن ڪُتا، ٻلا يا ٻيا جانور -اور- کائي نه سگهن، ڇوته -اور- -انساني جسم- جو حصو هوندي آهي. سنڌ ۾ اهو تصور آهي ته جنهن ڌرتيءَ ۾ -انسان- جي -اور- پوريل هوندي اها کيس اوس ڇڪيندي، اهو -جنم- ڀوميءَ سان اٽوٽ لاڳاپي جو اهڃاڻ آهي.[4] اؤر لاءِ انگريزي لفظ پليسنٽا (placenta) لاطيني ٻوليءَ جو لفظ آهي جيڪو ڪيڪ جي ھڪ قسم لاءِ استعمال ٿيندو آهي. اھو لفظ يوناني لفظ پليڪوس (plakóeis/plakoús) مان نڪتل آھي جنھن جي معنيَ آهي سنئون سڌو يا سليب وانگر آھي. [5][6].

Structure[سنواريو]

Placental mammals, such as humans, have a chorioallantoic placenta that forms from the chorion and allantois. In humans, the placenta averages 22 cm (9 inch) in length and 2–2.5 cm (0.8–1 inch) in thickness, with the center being the thickest, and the edges being the thinnest. It typically weighs approximately 500 grams (just over 1 lb). It has a dark reddish-blue or crimson color. It connects to the fetus by an umbilical cord of approximately 55–60 cm (22–24 inch) in length, which contains two umbilical arteries and one umbilical vein.[7] The umbilical cord inserts into the chorionic plate (has an eccentric attachment). Vessels branch out over the surface of the placenta and further divide to form a network covered by a thin layer of cells. This results in the formation of villous tree structures. On the maternal side, these villous tree structures are grouped into lobules called cotyledons. In humans, the placenta usually has a disc shape, but size varies vastly between different mammalian species.<ref>[

حوالا[سنواريو]

  1. Pough et al. 1992. Herpetology: Third Edition. Pearson Prentice Hall:Pearson Education, Inc., 2002.
  2. "How is Placenta Formed". وقت 2017-11-07 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. 
  3. Definitions of placental- related terms.
  4. اور : (Sindhianaسنڌيانا)
  5. Henry George Liddell, Robert Scott, "A Greek-English Lexicon", at Perseus آرڪائيو ڪيا ويا 2012-04-05 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين..
  6. "placenta" آرڪائيو ڪيا ويا 2016-01-30 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. Online Etymology Dictionary.
  7. Examination of the placenta آرڪائيو ڪيا ويا 2011-10-16 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.