Welcome to Sindhi Wikipedia. If you can speak Sindhi well but are unable to Read Sindhi-Arabic script, watch this video to quickly learn reading Sindhi-Arabic Script.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنہ 1689ع ۾ حيدرآباد ضلعي جي [[هاڻوڪي ٽنڊي آدم تعلقي جي هڪ ڳوٺ سُئي ڪنڌر]، هالا حويلي ۾ ڄائو. شاهہ عبداللطيف حبيب شاھہ جو پٽ، عبدالقدوس شاھہ جو پوٽو، جمال شاھہ جو پڙپوٽو ۽ جمال شاھہ شاھہ عبدالڪريم بلڙي واري جو ٽيون پٽ هو. شاھہ تاڃيءَ پيٽي سيد هو. سندس والده ڏيرن فقيرن منجهان هئي. سندن ڳوٺ ڀٽ کان ٿورو ئي پنڌ آهي،اڃان تائين ان ڳوٺ ۾ شاھہ جا ڪنڊا نالي ديھہ آهي. چون ٿا تہ شاهہ حبيب پنهنجي پٽ کي وائي ڳوٺ جي مشهور عالمآخوند نور محمد ڀٽيءَ وٽ علم پرائڻ لاءِ موڪليو، وائيءَ جو ڳوٺڀٽ کان ڇهہ ۽ اڏيري لعل کان ٻہ ڪوهہ پري آهي. چون ٿا تہ شاهہ الف اچاري ب چوڻ کان نابري واري. شاهہ صاحب امي (اڻ پڙهيل) هو يا نہ تنهن بابت جدا جدا عالمن جدا جدا رايا ڏنا آهن. ڪن جو چوڻ آهي تہ هو هڪ يگانو عالم هو ۽ ڪن صاحبن جو رايو آهي تہ مٿس علم لدني نازل ٿيل هو جو ڌڻيءَ طرفان ڪاملولين کي عطا ٿيندو آهي.
13 اپريل : جرمني جي مشهور مصنف، ادب جي نوبل انعام يافته گنٿر گراس (تصوير ۾) 87 سال جي عمر ۾ لوبيڪ جي هڪ اسپتال ۾ انتقال ڪري ويو۔
31 مارچ: اسلام ڪريموف (تصوير ۾) چوٿون دفعو مسلسل ازبڪستان جا صدر منتخب ٿي ويو، هو هن عھدي تي 1990ﺀ کان ﻣﻨﺘﺨﺐ ٿيندا آيا آھن۔
29 مارچ : ڪرڪيٽ عالمي ڪپ 2015 جي فائينل ۾ آسٽريليا ، نيوزيلينڊ کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏيئي پنجون دفعو ، ڪرڪيٽ جو عالمي فاتح ٿيڻ جو اعزاز پنھنجي نالي ڪيو.
26 مارچ : يمن ۾ حوثي بغاوت کي ڪچلڻ لاء ، سعودي عرب جي حوثي باغين جي خلاف فضائي حملا۔ سعودي خبر ايجنسي جي مطابق يمن ۾ سعودي آپريشن جي سوڊان ، مراڪش، مصر ۽ پاڪستان بہ تصديق ڪئي آھي