عراق

Wikipedia طرفان
ڏانهن ٽپ ڏيو رهنمائي, ڳولا

عراق وچ اوڀر ۾ واقع هڪ عرب ملڪ آھي. عراق جون سرحدون اوڀر ۾ ايران، ڏکڻ اوڀر ۾ ڪويت، ڏکڻ ۾ سعودي عرب، ڏکڻ اولھ ۾ اردن، اولھ ۾ شام ۽ اتر ۾ ترڪي سان لڳن ٿيون. ڏکڻ اوڀر ۾ ايران ۽ ڪويت جي سرحدن جي وچان ٿوري حصي سان ايراني نار به لڳيس ٿو. بغداد عراق جو گادي جو هنڌ ۽ وڏي ۾ وڏو شهر آهي. قومن جي لحاظ کان هتي گھڻائي عربن ۽ ڪردن جي آهي، جڏهن ته ڪجھ تعداد ۾ اسيري، آرمينيائي، ترڪمان ۽ ٻيون قومون به رهن ٿيون. عراق جي ڪل آبادي تقريبن ساڍا ٽي ڪروڙ آهي، جنهن جو 95 سيڪڙو ماڻهو مسلمان آهن. مسلمانن کان علاوه هتي عيسائي ۽ يزدي وغيره به رهن ٿا.


عراق جي وچان ٻه درياھ فرات ۽ دجله وهن ٿا، جيڪي ايراني نار ۾ ڇوڙ ڪرڻ کان پهرين ملي هڪ ٿي وڃن ٿا. انهن ٻنهي جي وچ وارو علائقو ڏاڍو سر سبز ۽ زرخيز آهي. باقي علائقو ريگستاني اٿس.


ٻنهي ندين جي وچ واري علائقي کي ميسوپوٽيميا به چيو ويندو آهي. ميسوپوٽيميا تمام پراڻو تاريخي خطو ۽ تهذيبن جو گھر رهيو آهي. سميري، اسيري ۽ بابلي تهذيبون هتان سان ئي تعلق رکنديون هيون. بعد ۾ هي علائقو ساساني، رومي، اسلامي، منگول، صفوي ۽ عثماني سلطنتن جو به حصو رهيو.


هاڻاڪو عراق پهرين عالمي جنگ کان پوءِ سلطنت عثمانيه جي ورهائجڻ جي نتيجي ۾ 1920ع ۾ برطانوي سلطنت جي حصي ۾ آيو. 1932ع ۾ عراق برطانيه کان آزادي حاصل ڪئي. هتي 1968ع کان وٺي 2003ع تائين بعث پارٽي جي حڪومت رهي. 2003ع ۾ آمريڪا ۽ ان جي اتحادين عراق تي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ صدام حسين، جيڪو ان وقت بعث پارٽي جو سربراھ ۽ عراق جو صدر هيو، کي هٽايو ويو. آمريڪا ۽ ان جي اتحادين 2011ع ۾ عراق خالي ڪيو. آمريڪا جي وڃڻ کان پوءِ عراق ۾ گھرو ويڙھ شروع ٿي وئي. هن وقت عراق جو ڪجھ حصو آمريڪا جي د‍ؤر ۾ ڪرايل اليڪشن جي نتيجي ۾ منتخب ٿيل حڪومت جي اثر هيٺ آهي، جڏهن ته ڪجھ حصي تي ڪردن جو ۽ ڪجھ حصي تي داعش نالي دهشتگرد تنظيم جو قبضو آهي.

Incomplete-document-purple.svg ھي ھڪ ڪچو مضمون آھي۔ توھان ھن ۾ اضافو ڪري وڪيپيڊيا کي سنواري سگھو ٿا۔