ڪراچي (
سنڌي: ڪراچي)
پاڪستان جو سڀ کان وڏو شھر ۽ صنعتي، تجارتي، تعليمي، مواصلاتي و اقتصادي مرڪز آھي۔ ڪراچيءَ جي رهواسيءَ کي
ڪراچيائيٽ سڏيو ويندو آهي. ڪراچي دنيا جو ٻيون وڏو شھر آھي۔ ڪراچي پاڪستان جي صوبي
سنڌ جو
گادي جو ھنڌ آھي۔ ڪراچي شهر
وڏي سمنڊ جي ساحل تي
سنڌو ٽڪور جي اتر اولهه ۾ قائم آهي۔ پاڪستان جي سڀ کان وڏي
بندرگاھ ۽
ھوائي اڏو بہ ڪراچي ۾ قائم آھي۔ ڪراچي
1947ء کان
1960ء تائين پاڪستان جو گاديء جو ھنڌ بہ رھيو۔ ڪراچي شهر نه رڳو
سنڌ جو ڪاروباري مرڪز آهي، پر خطي ۾ هڪ اهم بندر پڻ آهي. موجوده ڪراچي جي جڳهه تي واقع قديم ماهي گيرن جي بستين مان هڪ جو نال
ڪولاچي جو ڳوٺ هيو۔
انگريزن اڻويهين صدي ۾ هن شهر جي تعمير و ترقي جون بنيادون وڌيون۔ 1947ء ۾ پاڪستان جي آزادي جي وقت ڪراچی کي نو آموز ملڪ جو گاديء جو هنڌ منتخب ڪيو ويو۔ ان جي وجه سان شهر ۾ لکين مهاجر جو دخول ٿيو۔ پاڪستان جي گاديء جو هنڌ ۽ بين الاقوامي بندرگاهه هئڻ جي وجهه سان شهر ۾ صنعتي سرگرميون ٻين شهرن کان پهريان شروع ٿي ويون۔
1959ء ۾ پاڪستان جي گاديء جو هنڌ
اسلام آباد منتقلي جي باوجود ڪراچي جي آبادي ۽ معيشت ۾ ترقی جي رفتار گهٽ ناهي ٿي۔ پوري پاڪستان مان ماڻهون روزگار جي تلاش ۾ ڪراچي ايندا آهن ۽ ان جي وجه سان هتي مختلف مذهبي، نسلي ۽ لساني گروهه آباد آهن۔ ڪراچي کي ان وجه سان مني پاڪستان (Mini Pakistan)/ننڍو پاڪستان بہ چيو ويندو آهي۔ ان گروهن جي باهمي ڪشيدگي جي وجه سان 80 ۽ 90 جي ڏهائين ۾ ڪراچي لساني فسادن، تشدد ۽ دهشت گردي جو شڪار رهيو۔ بگڙندڙ حالتن کي سنڀالڻ جي لاء
پاڪ فوج کي به ڪراچی ۾ مداخلت ڪرڻي پئي۔ ايڪويهين صدي ۾ تيز قومي معاشي ترقي سان گڏ و گڏ ڪراچي جي حالتن ۾ تمام تبديلي آئي آهي۔ ڪراچي جي امن عامه جي صورتحال ڪافي بهتر ٿي آهي ۽ شهر ۾ مختلف شعبن ۾ ترقي جي رفتار ۾ تمام اضافو ٿيو آهي۔